خطري هيٺ آيل ِڳجهن جو نسل

سترام سانگي

پاڪستان ۾ ٻهراڙي جي ُکليل ميدانن توڙي شهري علائقن ۾ روڊ رستن ۽ سڙڪن جي ڀرپاسي ۾ ُاڇلايل ناڪاره گوشت، اوجهريون، ڇيڇڙا ۽ مري ويل جانورن جو ڍونڍ (Dead bodies) اڄ تقريبن هر پاسي نظر اچي رهيون آهن. پر اهو ڍونڍ شايد اسان کي نظر نه اچي ها، جيڪڏهن انهي گند جي قدرتي طور تي پاڻمرادو صفائي سٿرائي ڪندڙ ماحول دوست پکي ڳجهه (Vulture) ايترو خطري هيٺ نه هجي ها. sangi

ڪاڪي ڪرمڻ ڀيل جو خيال آهي ته زماني جي زد ۾ آيل انساني آبادي جيڪڏهن ترقي جي آڙ ۾ فطرت سان هٿ چراند بند ڪري ته هوند فطرت انسان سان ڪو وير ئي نه رکي. 55 سالن جي ڄمار کي رسندڙ ڪرمڻ ڀيل جو تعلق ٿرپارڪر واري ريگستان جي ننگرپارڪر تعلقي سان آهي. سنڌ ۾ شايد هي واحد پاڪ – ڀارت سرحد وارو آخري علائقو آهي، جنهن کي ڳجهه جي مسڪن طور ورتو پيو وڃي ۽ هتي توهان کي اڄ به ڳجهون لامارا ڏيندي نظر اينديون. ڪاڪو ڪرمڻ مالوند مارو آهي ۽ هن جو سمورو گذر سفر چوپائي مال تي آهي. توهان ٻارهوئي هن کي مال جي سار سنڀال ۾ ُرڌل ڏسي سگهو ٿا، هو برسات نه پوڻ تي عارضي طور لڏپلاڻ ڪري ساحلي پٽي واري گولاڙچي تعلقي ۾ مال سوڌو ترسندو آهي. هو ٻڌائي ٿو ته سخت ُڏڪار واري صورتحال ۾ گئوچر ختم ٿي وڃڻ کانپوءِ مال جو ڪو چارو نه بچندو آهي. انهن ڏينهن ۾ ٻاڪري، ريڍي ۽ ڳائي مال ۾ جڏهن ڪا وبا پکڙجندي آهي ته اسان جو گهڻو تڻو مال بيماري وگهي مري ويندو، مري ويل ڍورن کي اسان رسي ذريعي واڙن کان ڇڪي ٻاهر ڪٿي ُکليل ميدان ۾ ُاڇلي ايندا آهيون، جتي اڳي ڳجهون تمام گهڻيون هونديون هيون ته منٽن ۾ ئي ڍونڍ کائي ختم ڪري ڇڏينديون هيون. پر هاڻي اهو پکي ملڪ مان ئي موڪلائي ويو آهي. هو نرڙ تي هٿ رکي چوي ٿو ته ويجهڙ وارن ڏينهن ۾ ڳجهه ايڪڙ ٻيڪڙ ڪٿي نظر آئي هجي ته ڀلي باقي ڳجهه هاڻي نه رهي آهي. ڪاڪي ڪرمڻ موجب اسان اڳي فقط ڪنهن ڇتي ٿي ويل جانور کي ئي مرڻ کانپوءِ زمين ۾ ُپوري ڇڏيندا هئاسين، ته متان ڪو ڪتو ٻلو يا جهنگ جو جانور کائي ڇتو نه ٿي پوي. ان کانسواءِ گس پنڌ يا ڪنهن ڏهر ۾ ڪو ڍور مري ويندو هو ته اهو اتي ئي ُڇٽو. پوءِ اهو ڍونڍ پيون ڳجهون کائينديون هيون. اڳي ائين هوندو هو ته جانور مئو ناهي ۽ ڳجهه پهتي ناهي. هو اشارو ڪندي ٻڌائي ٿو ته هيئن ُٿلهيون متاريون ۽ ڊگهي ڳچيءَ واريون ڪاريون ۽ ڳاڙهيون ڳجهون پيون آسمان ۾ لامارا ڏينديون هيون. هاڻي مال کي دوائون ڏئي ُڏهائي ڪريون ٿا ۽ انهن دوائن ۾ رڳو بيماريون پيون آهن. ان ڪري مال جو گوشت به بيماري سان ڀريو پيو آهي، ٿي سگهي ٿو ته بيماري وارو ماس کائڻ سان ڳجهون ختم ٿينديون هجن. ڇو ته ڳجهه وڏي پنڌ وارو ماس خور (Carnivore) پکي آهي ۽ مئل جانورن جو گوشت کائيندو آهي، هن کي سئو ڪوهن تائين ڄاڻ ملي ويندي آهي ته اڄ ڪٿي جانور مئو آهي. هو ٻڌائي ٿو ته هن پکي جي حس تمام تيز هوندي آهي، ميلن تائين ڍونڍ جي خبر پئجي ويندي آهي.Vultures-1

سنڌ ۾ ڳجهن جا ُڪل ڪيترا قسم موجود هئا ۽ اهي هاڻي ڇو اڻلڀ ٿي رهيا آهن، انهي پويان ڪهڙي ماجرا آهي. ان سلسلي ۾ نديم مير بحر جو چوڻ آهي ته پوري دنيا ۾ ُڪل 23 قسمن جون ڳجهون آهن، جنهن مان 9 قسم ڏکڻ ايشيا ۾ لڀن ٿا. انهن مان به 8 قسمن جون ڳجهون پاڪستان ۾ موجود آهن. جڏهن ته هڪ قسم هماليا جبل ۾ رهي ٿو، باقي 7 قسم سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۽ ٻين اترين علائقن ۾ ملن ٿا. نديم مير بحر ماحوليات جي بچا لا ڪم ڪندڙ عالمي اداري انٽرنيشنل يونين فار ڪنزرويشن آف نيچر-پاڪستان سان واڳيل آهي. هن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ 4 قسمن جون ڳجهون سخت خطري هيٺ آيل آهن، جن ۾ سنهي ڳچي واريون ڳجهون-, slender-billed vulture (Gyps tenuirostris وڏي ڳچيءُ واريون ڳجهون (long-billed vulture Gyps indicus)، سفيد ُپٺي واريون ڳجهون (white-rumped vulture (Gyps bengalensis)) ۽ ڳاڙهي ُمنڍي واريون ڳجهون (Red-headed vulture) شامل آهن. انتهائي سخت خطري هيٺ رهندڙ چئن قسمن جي ڳجهن کي آءِ يو سي اين جي ريڊ لسٽ ۾ پڻ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪي هاڻي مختلف سببن جي ڪري سخت خطري هيٺ اچي ويون آهن. انهن ڳجهن کي عالمي طور تي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن مان هڪ حصي کي اولڊ ورلڊ ولچر ته ٻئي حصي کي نيو ورلڊ ولچر ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو. انهي مان اسان وٽ اولڊ ورلڊ ولچر واري ڪيٽگيري واريون ڳجهون ملن ٿيون. نديم مير بحر موجب ته 1990ع کان ڏکڻ ايشيا ۾ ڳجهون تقريبن 90 سيڪڙو تائين اڻلڀ ٿي ويون آهن، جن کي بچائڻ تمام ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته ڳجهون ماحولياتي وايو منڊل کي صاف سٿرو رکڻ سان گڏوگڏ ماحولياتي، ثقافتي ۽ سماجي طور تي به ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. هو ٻڌائي ٿو ته هن پکي جي اڻلڀ ٿي وڃڻ جو بنيادي سبب پين ڪلر (Pain-killer) ۽ ڊائڪلوفينڪ (Diclofenac) دوائون آهن، جن تي انڊيا، نيپال ۽ بنگلاديش ۾ پابندي مڙهيل آهي. پاڪستان ۾ به 2006ع ۾ ڊائڪلوفينڪ جي استعمال تي پابندي لڳائي وئي هئي ۽ ان جي متبادل طور ٻي دوا جي استعمال جي اجازت ڏني وئي هئي. جڏهن ته آرنيٿولاجيڪل سوسائٽي آف پاڪستان طرفان 2000 ۽ 2001ع ۾ ڊوليوالا ۽ ڇانگا مانگا جي ٻيلن ۾ اسٽڊي ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ ڊائڪلوفينڪ سوڊيم دوا جي استعمال جي تصديق ٿي، جيڪا تيزي سان ڳجهن جي آبادي کي ناپيد ڪري رهي آهي. هي دوا لائيو اسٽاڪ يعني چوپائي مال ۾ وٽرنري دوا طور استعمال ڪئي ويندي آهي. ماهرن موجب هن دوا مليل ڍونڍ کائڻ سان لڳ ڀڳ 16 کان 18 ڪلوگرام تائين وزن رکندڙ ڳجهن جو هاضمي وارو سرشتو ۽ ان جون ُبڪيون تمام گهڻيون متاثر ٿينديون آهن، جنهن ڪري ڳجهه جو جياپو مشڪل ٿي پوندو آهي. هڪ ٻئي عالمي اداري ڊبليو ڊبليو ايف-پاڪستان طرفان ڳجهن جي آبادي جي حوالي سان پاڪستان ۾ ڳجهن جي موجودگي وارن تقريبن 77 علائقن ۾ سروي ڪرائي وئي هئي، جنهن مان معلوم ٿيو ته ٿرپارڪر جو ننگرپارڪر وارو علائقو واحد هنڌ وڃي بچيو آهي، جتي ڳجهون اڃا به موجود آهن. هن وسندي ۾ تمام گهڻو خطري هيٺ ايندڙ 2 قسمن جون ڳجهون به ملن ٿيون. تازو آءِ يو سي اين ۽ ٻانهن ٻيلي طرفان موسمياتي تبديلين واري وزارت ۽ سنڌ جي جهنگلي جيوت واري کاتي جي سهڪار سان ڳجهن جي تحفظ لاءِ هڪ پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هي ادارا گڏيل طور تي ڪميونٽي جي ماڻهن کي به ڳجهن جي بچاءَ کان واقف ڪندا ۽ تربيت ڏيندا.Vultures-2(1)

پر ڇا ڳجهن جي نسل کي جيڪي درپيش خطرا آهن، انهن کان بچاءَ لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي ادارا توڙي مقامي تنظيمون واقعي ئي سنجيده ڪوششون وٺندي پنهنجي ذميواري ايمانداري سان نڀائي رهيون آهن؟ يا ڪٿي ائين ته ناهي ڳجهن جي بچاءَ جي نالي ۾ فقط ڪاغذي ڪارروائي ڪري پراجيڪٽ ميدان ۾ لاٿا پيا وڃن. ڪاڪي ڪرمڻ جو خيال آهي ته سرڪار سان گڏوگڏ هر فطرت پسند ماڻهو کي به هن ماحول دوست پکي کي بچائڻ لاءِ نيڪ نيتي سان ڀرپور ڪوششون وٺڻ گهرجن ته جيئن قدرتي طور تي هڪ ميونسپالٽي وارو ڪردار ادا ڪندڙ ڳجهن کي اسان بچائي سگهون. واضح رهي ته پارسي ڪميونٽي ۾ مذهبي لحاظ ڳجهن کي انتهائي احترام لائق سمجهيو ويندو آهي ۽ ان جي سندن مذهب ۾ به شايد مقدس پکي واري به حيثيت آهي.

satramsangi@yahoo.com

Continue reading

سامونڊي ماحولياتي گدلاڻ ۽ آبي جيوت کي درپيش خطرا

سترام سانگي

عالمي محققن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن سمنڊ کي آبي گدلاڻ کان بچائڻ لاءِ وقتائتا ۽ گهربل قدم نه کنيا ويا ته 2050ع تائين سڄي دنيا جا 99 سيڪڙو سامونڊي پکي حادثاتي طور تي پلاسٽڪ کائيندي موت جو شڪار ٿي ويندا. هڪ خابرو اداري جي رپورٽ مطابق برطانوي ۽ آسٽريلوي محققن ٻڌايو آهي ته موجوده حالتن ۾ سڄي دنيا جي تقريبن 60 سيڪڙو سامونڊي پکين جي کاڌي واري نالي (Digestive tract) ۾ پلاسٽڪ موجود آهي. جڏهن ته انهن پکين جي شرح 90 سيڪڙو آهي، جيڪي پلاسٽ کي خوراڪ سمجهي کائڻ باوجود هن وقت تائين زنده آهن. هن وقت ڏٺو وڃي ته عالمي سطح تي ماحولياتي تبديلين جي اثر هيٺ ايندڙ ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾ جتي ڪلائيميٽ چينج ۽ گلوبل وارمنگ پنهنجو اثر ڇڏيو آهي، اتي وري انهن ملڪن جي حدن ۾ ايندڙ سمنڊن جي حالت به آبي گدلاڻ جي ڪارڻ ڪا بهتر ناهي. ان جو هڪ وڏو سبب عالمي ماحولياتي ماهر سمنڊ ۾ آبدوز ٻيڙا ۽ سامونڊي جهاز هلڻ جي نتيجي ۾ نڪرندڙ دونهن جي ڦهلاءُ ۽ ان مان ڪرندڙ تيل کي قرار ڏئي رهيا آهن، جيڪو سمنڊ کي لاڳيتو گدلو ڪري رهيو آهي.

Continue reading

موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙ سنڌ جي زراعت

سترام سانگي

موسمي تبديلين (Climate change) جي اثر جتي عالمي سطح تي پوري وايومنڊل کي پنهنجي گهيري ۾ آندو آهي، اتي ان جي اثر کان سنڌ جي زراعت به آجي نه رهي آهي. دنيا ۾ خاص ڪري زراعت تي ڀاڙيندڙ ڏکڻ ايشيائي ملڪ هن وقت موسمي تبديلين سبب وڏي پئماني تي ڀوڳي رهيا آهن. تازو هلندڙ صدي جي شروعاتي ڏهاڪي ۾ 2000ع کانپوءِ جيڪا گرمي جي لهر ُاٿي، ان سبب ڪافي تبديليون رونما ٿيون آهن ۽ اها گرمي جي لهر اڃا سوڌي ماٺي نه ٿي آهي. بلڪه ان جا خطرناڪ

Continue reading

سنڌو درياهه، سون مياڻ ۽ مقامي مهاڻن جو روزگار

سنڌو درياهه، سون مياڻ ۽ مقامي مهاڻن جو روزگار

سترام سانگي

“درياءَ بادشاهه ٻارهوئي تار وهندو رهي ته ُٻڏي جا ٻيڻا آهن، جي نه ته ُبکون ڪاٽڻ تي مجبور هوندا آهيون. اسان جي روزگار جو واحد ذريعو درياءَ مان مڇيءَ ماري پيٽ گذر ڪرڻ ئي آهي.” هي ويچار اڪيلي چاچي حمزي ملاح جا ناهن، جيڪو هاڻي تقريبن 65 سالن جي وهيءَ کي وڃي پهتو آهي. پر سنڌو نديءَ جي ڪپر سان لڳو لڳ حيدرآباد شهر کان ڪجهه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود ڪچي ۾ لطيف آباد نمبر 7 وٽ ورهين کان آباد هنن مهاڻن جي بستي ۾ رهندڙ هر هڪ درياهي ماهيگير جا پڻ اهي ئي ويچار آهن. تازو سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سانوڻي جي ُمند جو گذريل هفتي کان لاڳيتو زبردست وسڪارو ٿيو آهي، انهي وسڪاري سبب هڪ پاسي سنڌو درياهه ۾ 5 کان 6 لک ڪيوسڪ جي لڳ ڀڳ پاڻي وهي رهيو آهي

Continue reading

هندو ميرج ايڪٽ: رنڊڪون ۽ خدشا

سترام سانگي

ملڪي گادي واري شهر اسلام آباد سميت لاهور، ڪوئيٽا، پشاور، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ُ گهٽ ۽ ُٻوسٽ واري ماحول ۾ ڪي پل خوشين جا گهارڻ لاءِ تازو شادي ڪري ستاوڙي تان موٽندڙ هڪ هندو جوڙو ڪنهن تفريح گاهه جي پارڪ ۾ ڪاٺ ۽ لوهه گاڏڙ بئنچ تي اڪيلو ۽ ُاداس فقط ان لاءِ به آهي ته متان ڪٿان اوچتو پوليس اچي کنڀي نه وڃي. اهو آخر ڪهڙو خوف آهي، جيڪو هنن کي ويتر مايوس ڪري رهيو آهي. ان پويان ٻيو ڪجهه نه پر شادي شده هجڻ جو وٽن ڪوبه Continue reading

لڇميءَ

<div style=”direction: rtl; font-family: Tahoma; font-size: large;”>

                                       -سترام سانگي

هونئن ته لڇميءَ جو هڪڙو ئي حوالو مارڪيٽ جي زينت بڻيو رهيو آهي ته هو جنهن به در تي دستڪ ڏئي ٿي ته جيئن ڪورو گهڙو پاڻ کي ڇانوَ ۾ رکرائيندو آهي. تيئن لڇميءَ به پنهنجي روزي ۽ ڀاڳ ساڻ کڻي رُلندي وتي ٿي. هوءَ بي ڊپي ٿي گهمي ڦري ٿي ۽ ڪيترن ئي بي ڊپن کي به پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ٿي. پوءِ چاهي هن کي جان جي امان ملي يا نه! پر لڇميءَ آهي، Continue reading

climat change and effect on wild life

<div style=”direction: rtl; font-family: Tahoma; font-size: large;”><strong> </strong>

                                                 ماحولياتي بگاڙ جا سنڌ جي وائلڊ لائيف تي پوندڙ اثر

                                                                                    ** سترام سانگي

                   هونئن ته سنڌ جي وائلڊ لائيف کي ڪيترائي خطرا درڪار آهن، جنهن ڪارڻ جهنگلي جيوت جي حياتي مسلسل خطري هيٺ رهندي پئي اچي. پر ٻين خطرن ۽ مختلف چئلينجز سان گڏ ماحولياتي بگاڙ ۽ موسمياتي ڦيرگهير جي نتيجي ۾ به حياتياتي عمل تي انتهائي هاڃيڪار اثر پئجي رهيا آهن. هن وقت جيئن ته گلوبل وارمنگ( Global warming)۽ ڪلائيميٽ چئينج (Climate change) سڀ کان اهم مسئلو بڻجي چڪو آهي. ان ڪري ان جا جتي ٻين ملڪن جي مختلف خطن تي اثر پئجي رهيا آهن، اتي ان جا سڌي توڙي اڻ سڌي طرح اثر ننڍي کنڊ جي هن خطي تي به اثر انداز ٿين ٿا. انهن خطرناڪ اثرن جي دائري ۾ انساني آبادي، آبي جيوت ۽ جهنگلي جيوت سميت سمورا جاندار اچي رهيا آهن. ان حوالي سان ماحولياتي ماهرن طرفان ڳڻتيءَ ظاهر ڪئي پئي وڃي. ان ڪري ان جا سڌا سنئان اثر سنڌ جي آبادي جي حياتياتي عمل تي به پئجي رهيا آهن. climatechange1ان ۾ خاص ڪري انساني جيوت سميت آبي توڙي جهنگلي جيوت کي تمام وڏو خطرو آهي. تابڪاري مادن جي خارج ٿيڻ ۽ اوزون تهه (Ozone layer) ۾ سوراخ ٿيڻ جي نتيجي ۾ هاڃيڪار شعاءَ سڌي ريت هيٺ ڌرتيءَ جي گولي کي گرم ڪري رهيا آهن. ظاهر آهي ته گرمي پد ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ انهيءَ گرمي جي وڌڻ ڪري ان جا اُُگرا نتيجا پڌرا ٿي رهيا آهن. جنهن جي وقتن به وقتن ماحولياتي ماهر، موسمياتي اسڪالر ۽ ٻيا سائنسدان نشاندهي ڪندا پئي رهيا آهن. پر انهن جي خدشن تي اڄ سوڌو ڌيان نه ڌريو ويو آهي.انهي لاپرواهي جي ڪارڻ اڄ اسان نتيجا ڀوڳي رهيا آهيون ۽ عين ممڪن آهي ته جيڪڏهن اهو سلسلو ائين ئي رهيو ته شايد اڃا به وڌيڪ خطرن کي منهن ڏيڻو پئجي وڃي.

سنڌ جي وائلڊ لائيف ۾ (  warm blooded & Cold blooded ) گرم ۽ ٿڌي رت وارا جاندار جيڪي پاڻيءَ توڙي خشڪي تي زندگيءَ گهاري رهيا آهن، يا هڪ ئي وقت ٻٽي زندگيءَ (Terresterial) گهارين پيا انهن جو حياتياتي عمل هن وقت تمام گهڻي ڪشمش ۾ آهي. اهي ناڪاري اثرن جي ڪري جيوت عدم تحفظّ جو شڪار ٿي رهي آهي. ڇو ته هڪ پاسي انهن جي حياتي کي سڌو خطرو آهي ته ٻئي پاسي انهن جي جسماني بناوت ۽ سگهه متاثر ٿي رهي آهي. جنهن ڪري انهن جي اندروني توڙي ٻاهرين جسماني بيهڪ ۾ رطوبتن جي ڊسٽربنس جي ڪري تبديلي جا امڪان آهن. ڇاڪاڻ جو اهو سمورو عمل علم حياتيات (Biology) جي قائدن ۽ چارلس ڊارون جي نظريي مطابق مسلسل ارتقا (Evolution) هيٺ آهي. جنهن ڪري هر آئي ڏينهن تبديليون ۽ بدلاءَ رونما ٿي رهيو آهي. پر اهو بدلاءَ نج ماحوليات بگاڙ جو نتيجو آهي. خاص ڪري جاندارن جي چمڙيءَ تي شعاءَ ڪرڻ ۽ اُُس سبب سمورو جسم ڏٻرو ۽ نٻل ٿي وڃي ٿو. پر ان جي بچاءُ لاءِ پاڪستان ۾ ڪي به خاطر خواهه اُُپاءَ نه ورتا پيا وڃن. آبي جيوت ۾ وري انڌي ٻلهڻ، پلو، ڪُُميءَ، ڪڇون، واڳون، مانگر مڇ ۽ ٻين جاندارن جي نسل کي خطرا لاحق آهن. ساليانو انهن جاندارن جي, گرمي پد جي وڌڻ، موسمياتي ڦيرگهير ۽ مارين جي شڪار سميت ٻين سببن جي ڪري نسل ڪشيءَ (Genocide) ٿي رهي آهي. جنهن ڪري انهن ناياب ٿيندڙ آبي جيوت جو نسل گهٽجي رهيو آهي. ريگستان ۽ ڪوهستان وارن علائقن ۾ موسمياتي ڦير گهير ڪارڻ پاڻي جي اڻاٺ رهي ٿي، جنهن ڪري ڪيترائي جاندار اُُڃ وگهي موت جي ورچڙهي وڃن ٿا. ۽ جيڪڏهن انهن جاندارن جو هڏائون ڍانچو (اسڪيليٽن) فاسلز (Fossils) جي شڪل اختيار ڪرڻ ۾ دير ڪري ٿو ته اهو پڻ ماحول لاءِ خطرناڪ ثابت ٿئي ٿو. گليشئيرز جو نه پگهرجڻ به پاڻي جي اڻهوند جو وڏو سبب آهي. جنهن ڪري هيٺيائين وارا علائقا ۽ ان تي دارومدار رکندڙ ڍنڍون ڍورا، درياءَ، نديون، شاخون، تلاءَ ۽ ڇنڊڻيون سُڪي ٺوٺ ٿي وڃن ٿيون. انهي سوڪهڙي جي نتيجي ۾ انساني توڙي آبي ۽ جهنگلي جيوت وڏين ڀوڳنائن مان گذري ٿي. بيابانن ۾ جتي هيڪڙ ٻيڪڙ وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا اڀڙن ٿا اهي پڻ برساتون نه پوڻ ڪري سُڪي سڙي وڃن ٿا. جنهن جو نتيجو اهو نڪري ٿو جو اهڙن علائقن ۾ جيڪا آبادي ڀاڙي ٿي اها تباهي جي ورچڙهي وڃي ٿي. پر ان جي بچاءُ جو ڪو جوڳو بندوبست اڃا نه ٿي سگهيو آهي.tn_galgrterroadrunner44

گلوبل وارمنگ سبب ماحول ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو مقدار ايتري قدر وڌي ويو آهي جو ماحولياتي تبديلين کي روڪي نٿو سگهجي. يا ان کي روڪڻ انتهائي ڏکيو آهي. جيڪو اڳتي هلي مستقبل لاءِ وڏو خطرو به ٿي سگهي ٿو. برطانوي نشرياتي اداري موجب سائنسي عالمي رسالي نيچر ڪلائيمٽ چينج( Nature climate change) ۾ ڏنل هڪ تحقيقي مضمون ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عالمي حرارتي درجي کي صنعتي انقلاب جي زماني کان اڳ واري سطح تي آڻڻ هاڻي ناممڪن آهي. انهيءَ تحقيق ۾ شامل ڪيل انگن اکرن مطابق سن 2012ع ۾ عالمي سطح تي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ 35.4 ارب ٽن خارج ٿي رهي هئي، جيڪو هاڻي 2011ع کان 2.6 سيڪڙو وڌيڪ خارج ٿي آهي.

   تازو قطر جي شهر دوها ۾ ماحوليات جي حوالي سان 18 هين عالمي ماحولياتي ڪانفرنس هلي رهي آهي، جنهن ۾ ماحولياتي بگاڙ بابت ڇرڪائيندڙ انگ اکر پيش ڪيا ويا آهن. ان ڏس ۾ ايسٽ اينگلو يونيورسٽي ۾ موسمياتي تبديلي تي تحقيق ڪندڙ شعبي ٽنڊال سينٽر جي ڊائريڪٽر ڪورن لي ڪيوريءَ موجب دوها ۾ هلندڙ ماحولياتي عالمي ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل انگن اکرن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته ڪير به سائنسدانن جي ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. هن زور ڀريو آهي ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ انقلابي منصوبي جي گهرج آهي. جڏهن ته عالمي موسمياتي تنظيم ڊبليو ايم او موجب 2012ع ۾ گرين هائوس گئس فضا (Atmosphere) ۾ رڪارڊ سطح تي خارج ٿي آهي.
جڏهن ته تابڪاري مادن جي خارج ٿيڻ سبب ماحول ۾ لڳ ڀڳ 75 سيڪڙو ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ (2CO) آهي. جيڪو ئي ماحول ۾ گرمي پد جي اضافي جو بنيادي ڪارڻ بڻجي رهي آهي. ان سان گڏوگڏ ماحولياتي آلودگي پکيڙڻ ۾ ميٿئين (Methane) گئس جو وڏو مقدار شامل آهي. اهي آلودگي پکيڙندڙ گئسون بنيادي طور تي انڊسٽريل ايريا(صنعتي زون ) ۾ قائم مختلف ڪارخانن، ڪلون ۽ چمنين مان خارج ٿي ماحول ۾ بگاڙ پئدا ڪري رهيون آهن. اها آلودگي سموري ايڪوسسٽم (Ecosystem) کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي بائيواسفيئر کي ڊسٽرب ڪري رهي آهي. ان ڪري گهرج ان ڳالهه جي آهي ته سمورن ماحوليات دوست ڌرين کي ماحول جي بگاڙ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ اهڙو گڏيل لائحه عمل جوڙيو وڃي ته جيئن ماحولياتي آلودگي بابت پکڙجندڙ بي چيني کي روڪي سگهجي. اها پڻ اميد ڪجي ٿي ته ماحولياتي عالمي ڪانفرنس رڳو ڊرائينگ رومز واري سياست وانگر پڌرناما جاري نه ڪندي بلڪه هرممڪن ڪوششون ڪري ماحولياتي بگاڙ جي روڪٿام لاءِ اثرائتا اپاءَ وٺي سمورن صنعتي ملڪن کي ضابطه اخلاف جو پابند بڻائيندي.

</div>

جهنگلي جيوت جي نسل ڪشي

<div style=”direction: rtl; font-family: Tahoma; font-size: large;”>

 

                      سترام سانگي

 سنڌ سونهاري ۾ جيئن جيئن ٿڌيون هوائون گُهلڻ شروع ٿيون آهن ۽ جيئن ئي سياري جي سرديءَ هزارين ايڪڙن تي پکڙيل، وشال ۽ ڪشادين ڍنڍن ۽ ڍورن تي تي ديرو ڄمايو آهي. تيئن ئي ڪينجهر، منڇر، حمل ۽ هاليجي جي تاريخي ڍنڍن کان ويندي نريڙي ۽ ٻيري جي قديم ڍنڍن، ڍورن ۽ ڪاجهر ويجهو پراڻ جي پٽن تي هزارين ناياب نسل جا پرديسيءَ پکي پهچڻ شروع ٿي ويا آهن.bird_hunt ته ساڳئي وقت شڪار واري مند طور هتي جا مقامي، ڏيهي توڙي پرڏيهي ماري به بغل ۾ بندوقون کڻي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي شڪار لاءِ نڪتل آهن. کين ڪا به جهل پل ناهي. هو وائلڊ لائيف ايڪٽ سميت پکين ۽ جانورن جي تحفظ لاءِ جوڙيل عالمي قانونن ۽ ضابطن کان بي نياز ۽ بي ڊپا ٿي شڪار ڪري رهيا آهن. Continue reading

ٻرندي تي تيل

<div style=”direction: rtl; font-family: Tahoma; font-size: large;”><strong> </strong>

سترام سانگي

سنڌ حڪومت طرفان لوڪل پيپلز گورنمينٽ آرڊيننس وارو تڪراري بل سنڌ اسيمبلي مان بنا ڪنهن بحث مباحثي جي پنج منٽن ۾ پاس ڪرائي سنڌ حڪومت کي انتظامي طور تي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. جنهن خلاف سموري سنڌ اڄ سوڌو سراپا احتجاج بڻيل آهي. عوام لاڳيتو تاريخي هڙتالون ڪري ڌرڻا هڻي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي پر حڪمران آهن، جيڪي اقتدار جي ايوانن ۾ ويهي عوام جي سڏ کي ورنائڻ لاءِ تيار ئي ناهن. ڇا هيڏو وڏو احتجاج ٿيڻ بعد سرڪار کي پنهنجي پاليسي ۽ ٿيل قانون سازي تي عمل ڪرائڻ جو باقي اخلاقي جواز بچي ٿو؟ هڪ طرف سموري سنڌ آهي، جنهن جو ٻچو ٻچو روڊ رستن تي سنڌ جي حقن لاءِ ميدان ۾ نڪتل آهي ته ٻئي طرف لاپرواهه بڻيل حڪمران ڌر آهي جيڪا پنهنجي هٺ، هوڏ ۽ ضد تي پڙ ڪڍي بيٺل آهي. جيتوڻيڪ عوام جي سخت احتجاج ۽ انتهائي وزنائتي عوامي رد عمل جي نتيجي ۾ حڪمران تڪراري بل ۾ ترميمون ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ بقول Continue reading