سنڌو درياهه، سون مياڻ ۽ مقامي مهاڻن جو روزگار

سنڌو درياهه، سون مياڻ ۽ مقامي مهاڻن جو روزگار

سترام سانگي

“درياءَ بادشاهه ٻارهوئي تار وهندو رهي ته ُٻڏي جا ٻيڻا آهن، جي نه ته ُبکون ڪاٽڻ تي مجبور هوندا آهيون. اسان جي روزگار جو واحد ذريعو درياءَ مان مڇيءَ ماري پيٽ گذر ڪرڻ ئي آهي.” هي ويچار اڪيلي چاچي حمزي ملاح جا ناهن، جيڪو هاڻي تقريبن 65 سالن جي وهيءَ کي وڃي پهتو آهي. پر سنڌو نديءَ جي ڪپر سان لڳو لڳ حيدرآباد شهر کان ڪجهه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود ڪچي ۾ لطيف آباد نمبر 7 وٽ ورهين کان آباد هنن مهاڻن جي بستي ۾ رهندڙ هر هڪ درياهي ماهيگير جا پڻ اهي ئي ويچار آهن. تازو سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سانوڻي جي ُمند جو گذريل هفتي کان لاڳيتو زبردست وسڪارو ٿيو آهي، انهي وسڪاري سبب هڪ پاسي سنڌو درياهه ۾ 5 کان 6 لک ڪيوسڪ جي لڳ ڀڳ پاڻي وهي رهيو آهي

۽ برساتي پاڻي سبب ڪچو ۽ ڪاڇو آباد ٿيا آهن ته ٻئي پاسي ڏڪار سٽيل ٿر، بر ۽ ڪوهستان جي ماروئڙن جي منهن تي ُمرڪون موٽي آيون آهن. ڪجهه مالي نقصان کي ڇڏي باقي مجموعي طور برسات وڌندڙ گرمي جي لهر کي گهٽائي خوشگوار موسم پيدا ڪري ڇڏي آهي. ساڳي وقت برسات جي راڱن شهرن ۾ انتظامي نااهلي ڪارڻ پورو ڊرينيج نظام ڊانواڊول ڪري ڇڏيو آهي. رڳو حيدرآباد تي نظر گهمائجي ته محض 50 ملي ميٽر برسات پوڻ سان به هي شهر ڍنڍ ۾ تبديل ٿيندي نظر آيو، هر ڪالوني ۾ پاڻي بيٺل هو پر واسا ۽ بلديا اعليٰ جي انتظاميا ڪوبه وقتائتو ڪردار ادا نه ڪري سگهي. اهو ئي سبب آهي جو شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ رحمت بڻيل برسات انتظامي عدم توجهه ۽ لاپرواهي سبب زحمت ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. سرڪاري بيحسي ڪارڻ انتظاميا نه موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪي هنگامي اپاءَ ورتا آهن نه وئي وري ان لاءِ ڪا سنجيده پاليسي اختيار ڪندي لاڳاپيل عملي کي الرٽ ڪيو آهي.

415073000118

اهڙي ريت ُڏک ُسک سون مياڻ واري هنڌ تي رهندڙ مهاڻن جا به نه گهٽيا آهن. درياءَ جي ڪنڌي تي رهڻ باوجود اڄ ڏينهن تائين سواءِ ُبک ۽ بدحالي جي ٻيو ڪجهه پلئه نه پيو آهي. ان ڏس ۾ فقير حمزي ملاح ٻڌايو آهي ته اسان پيپلز پارٽي جا شيدائي آهيون پر ان باوجود هتان جي چونڊيل نمائندن توڙي وقت جي سرڪار اسان جي سار ناهي لڌي. اهي نمائندا فقط اليڪشن جي ڏينهن ۾ ئي ظاهر ٿيندا آهن ۽ ووٽ وٺي پوءِ گم ٿي ويندا آهن. جيتوڻيڪ هن علائقي جي ڪچي واري آبادي ۾ سنڌي ماڻهن جي گهڻائي آهي پر انهي آبادي مٿان راڄ ايم ڪيو ايم جا چونڊيل نمائندا ڪندا پئي آيا آهن. هتان جي مقامي ملاح برادري موجب اسان صدين کان هتي ويٺل آهيون پر صحت، تعليم، روزگار، پيئڻ جو پاڻي، روڊ رستا ۽ ڊرينيج سميت ڪي به بنيادي سهولتون ميسر ناهن. هن ڳوٺ ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ سرڪار طرفان فقط اسڪول جي عمارت مليل آهي، باقي ماستر جماڻي چنڊاڻي اچڻ وارن ۾ شمار ٿئي ٿو. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته اسان پنهنجا ٻار پڙهائڻ چاهيون ٿا پر هڪ ته ماستر روزاني اسڪول نٿو اچي، ٻيو وري جيڪو ماستر مقرر ٿيل آهي، اهو به وري اردو ٻولي ڳالهائيندڙ آهي. ان ڪري هو جيڪا به تعليم ڏي ٿو، اها اسان جي ٻارن کي سمجهه ۾ نٿي اچي. ڇاڪاڻ ته اسان جا ٻار بنيادي تعليم ته مادري زبان ۾ ئي سکڻ چاهين ٿا، جيڪا سيکارڻ لاءِ ويڌن اها آهي جو ماستر پاڻ اها ٻولي سمجهي نه پيو سگهي. سون تي سهاڳو وري اهو آهي جو هاڻوڪين تڪبندين ۾ ٿيندڙ ڦيرڦار سبب هتان جا ڳوٺاڻا برٿ يا ڊيٿ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ به ڪوهين ڏور کٿڙ ڏانهن وڃڻ تي مجبور آهن. هن علائقي جي سياسي ڇڪتاڻ بهرحال هنن کي چوواٽي تي بيهاري ڇڏيو آهي.

satram sangi

هن ڳوٺ جي هتان بلڪل سامهون هاڻوڪن ڏينهن ۾ تار وهندڙ سنڌو درياهه پنهنجي موج مستي جون ڇوليون هڻي رهيو آهي ۽ درياهه جي دهشت ڏسڻ وٽان آهي. انهيءَ دهشت کي پرکڻ لاءِ جڏهن 5 اسٽاف ميمبرن تي ٻڌل سنڌ ايڪسپريس جي ٽيم مقامي ملاحن سان ڪچهري ڪرڻ کانپوءِ هيٺ سنڌو درياهه ۾ لٿي ته اسان جي ٻيڙي جي ناکئي (پائيليٽ) عبدالرزاق ملاح ۽ سندس ٻئي ملاح ساٿي ٻڌايو پئي ته هن وقت ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ تقريبن ڏيڍ لک ڪيوسڪ پاڻي مس آيو آهي، ان باوجود هو سندي ڪٽنب سميت هڪ پاسي جتي خوش آهي، ُاتي ٻئي پاسي هڪڙي پريشاني هن جو پيڇو ڪري رهي آهي ته ڇا درياهه جي اها موجوده رواني هن جي خاندان جي لاءِ ڪو ڪامياب پيغام آڻي سگهي ٿي؟ ان تي عبدالرزاق ملاح ٻڌايو ته هن وقت درياهه ۾ پاڻي جام آهي، گذريل هڪ هفتي کان اسان درياهه ۾ لٿل آهيون پر پاڻي گهڻو هجڻ ڪري گهربل مڇيءَ نه پئي مري. جيڪڏهن ٿورو پاڻي جهڪو ٿيندو ته مڇي مارڻ ۾ آساني ٿيندي. عبدالرزاق موجب تازي پاڻي اچڻ سان عربي سمنڊ مان هزارين ميل مفاصلو طئي ڪري ناياب نسل جو پلو مٿي چڙهي آيو آهي، جيڪو به اڃا شڪار نه ٿي سگهيو آهي. هن وقت اسان پنهنجي ٻوڙ لاءِ به مڇي هٿ نه پيا ڪري سگهون، نه ته اڳي درياهه وهي ايندو هو ته هزارين مڻ مڇي ماربي هئي ۽ ڇلا ڀري هتان ئي وڪڻندا هئاسين. هاڻي درياهه مان مڇي ماري منڊي ۾ پهچائڻي پوي ٿي.

satram sangi 1

اسان جنهن درياهي ڪنڌيءَ تي بيٺل هئاسين، اتي چئوطرف انساني آبادي رهائش پذير هئي. وڏي ڳالهه ته ور وڪڙ وارن رستن جي هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ هئي. هتي ماڻهن پنهنجون ٻنيون آباد ڪيون آهن، جنهن ۾ هنن سايون ڀاڄيون، خاص ڪري سنڌي پالڪ، ساوا مرچ، توريون، واڱڻ، گوگڙو، ڪپهه، مڪئي ۽ ٻيا فصل پوکيا آهن. تاريخي گواهي مطابق هيءَ مياڻ جنهن کي سون مياڻ سڏيو پئي ويو، اتي ماضيءَ ۾ لکين مڻ مڇي ماري ويندي هئي، جنهن ڪري مڇي منڊين مان وڪرو ڪرڻ بدران مقامي ملاح هتي پڙ تي ئي حساب ڪتاب ڪندا هئا. پوءِ جيئن جيئن زماني جا لاها چاڙها آيا ته درياهه بادشاهه جي شهنشائي کي به خطرا لاحق ٿي ويا. سنڌو درياهه جي مٿانهين واري حصي کان هيٺيائين واري حصي تائين پيٽ ۾ قبضاگيرن ديرو ڄمائي ورتو ته لنگهه بند ٿي ويا. مٿي درياهه مٿان ڪئنال ٺهيا ته پاڻي ورهائجي ويو ۽ رهيل پاڻي تي بااثر صوبي ڌاڙو هڻي حساب ُچڪتو ڪري ڇڏيو. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ سنڌ طاس معاهدي موجب به ارسا ساليانو گهربل ايم ايف پاڻي نه پئي ڇڏي، جنهن ڪري اڪثر ڪري درياهه سوڪهڙي جو شڪار ئي رهندو آهي. درياهه ُسڪڻ سان نه پلو مٿي چڙهي ٿو، نه مڇي پنهنجي نسل جي افزائش ڪري ٿي ۽ نه ئي وري زرعي آبادي ٿئي ٿي. ڏک جي ڳالهه اها آهي ته جتي پورو ايڪو سسٽم (وايو منڊل) متاثر ٿي رهيو آهي، اتي دنيا جو ڇهون نمبر وڏو انڊس ڊيلٽا تباهي ڪناري پهچي ويو آهي. ائين درياهه جو اوج موڪلائي ويو ته هوريان هوريان مڇي به پري ٿيندي وئي، نيٺ مهاڻن وڃي متبادل روزگار جي ڳولا شروع ڪئي آهي. درياهه جي جنهن حصي وٽ اسان بيٺل هئاسين، اتان کان سڏ پنڌ تي هڪ پاسي حيدرآباد جهڙو عاليشان شهر اڏيل آهي ته ٻئي پاسي ڪوٽڙي جهڙي قديم وسندي آباد آهي. رستي ويندي صدمو اهو رسيو ته درياهه جي بچيل زمين تي مقامي بلڊرن جي اکيون اٽڪيل ڏٺيون سين، بلڊرن هتي پٿر لاهي تعميراتي ڪم به شروع ڪرائي ڇڏيا آهن. لڳي ٿو ته هڪ ڏينهن اهي ڪچيون انساني آباديون درياهي ٻوڏ جي ڪري نه پر انهن بلڊرن جي قبضي گيري جي ڪارڻ لڏپلاڻ ڪنديون ۽ صدين کان آباد اهي مهاڻا وري پنهنجو عارضي اجهو ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي اڏيندا. چاچي فقير حمزي ملاح جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين اسان کي ڪي به مالڪاڻا حق نه ڏنا ويا آهن، جنهن ڪري اسان بنيادي سهولتن کان محروم آهيون. اڪيلو مڇي مارڻ جو آمدني وارو ذريعو وڃي بچيو آهي، جنهن تي پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪري رهيا آهيون. هن ٻڌايو ته هتان جي هي سون ورني زمين پاڪ فوج جي هڪ رٽائرڊ برگيڊيئر کي گفٽ طور ڏني وئي هئي، جنهن پوءِ اچي هتي قبضو ڄمايو. باقي اسان جيڪي ورهين کان آباد آهيون، اهي اڄ به زمين جي ُٽڪر لاءِ پريشان آهيون. فقير حمزي موجب هن وقت درياهه ۾ ڪي 20 کان 25 مڇين جا قسم وڃي بچيا آهن، جنهن کي ماري اسان ناڻو ڪمايون ٿا. هن کي شڪايت آهي ته هي جيڪو درياهه ۾ پاڻي آيو آهي، ان سان اسان کي ڪو وڏو فائدو نه ٿيندو، ان جو هڪ سبب اهو آهي ته هي پاڻي درياهه ۾ اڻ مندائتو يعني ڪمهلو آيو آهي. دراصل درياهه ۾ پاڻي جيڪو به ڇڏيو وڃي، اهو جيڪڏهن اپريل، مئي ۽ ُجون مهيني ۾ اچي ها ته ٻڏي جا ٻيڻا ٿي پون ها. ڇو ته انهن مهينن ۾ مڇي آني ڏيندي آهي، جنهن سان مڇي جي افزائش ۾ واڌارو ٿيندو. باقي بي مندائتو پاڻي اچڻ سان الٽو ُسور وڌي ويندا آهن. هن ٻڌايو ته اسان ڪڏهن به 5 انچي رڇ کان گهٽ انچ وارو رڇ استعمال نه ڪندا آهيون، ان سان مڇي جو ٻيجارو مرڻ لڳي ٿو. هتي جيڪي ٻاهريان ۽ ناتجربيڪار مهاڻا مڇي مارين ٿا، اهي ننڍو رڇ استعمال ڪن ٿا جنهن سان مڇي جي ٻيجاري کي نقصان ٿئي ٿو. جڏهن ته عبدالرزاق ملاح جو چوڻ آهي ته اسان مياڻ تان ٻيڙي ڪڍندا آهيون ته سنگت ساٿ واري کي مفت ۾ درياهه جو سير ڪرائيندا آهيون، باقي ڪنهن کان به هڪ رپيو به نه وٺندا آهيون. هو نهايت ئي شائستگي واري ماهراڻي انداز سان ٻيڙي جا سڙهه هلائي رهيو هو ۽ اسان جي پڇيل سوالن جا جواب به ڏئي رهيو هو. هن جي هڪڙي جواب ته “هن مياڻ تان اڳي هزارين مڻ مڇي ماريندا هئاسين ۽ هاڻي محض پنهنجي ٻوڙ لاءِ به مشڪل سان ملي ٿي!” هن وقت درياهه تان واپسي تي مون کي بهرحال سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.satram sangi 3

satramsangi@yahoo.com

Leave a comment