سامونڊي ماحولياتي گدلاڻ ۽ آبي جيوت کي درپيش خطرا

سترام سانگي

عالمي محققن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن سمنڊ کي آبي گدلاڻ کان بچائڻ لاءِ وقتائتا ۽ گهربل قدم نه کنيا ويا ته 2050ع تائين سڄي دنيا جا 99 سيڪڙو سامونڊي پکي حادثاتي طور تي پلاسٽڪ کائيندي موت جو شڪار ٿي ويندا. هڪ خابرو اداري جي رپورٽ مطابق برطانوي ۽ آسٽريلوي محققن ٻڌايو آهي ته موجوده حالتن ۾ سڄي دنيا جي تقريبن 60 سيڪڙو سامونڊي پکين جي کاڌي واري نالي (Digestive tract) ۾ پلاسٽڪ موجود آهي. جڏهن ته انهن پکين جي شرح 90 سيڪڙو آهي، جيڪي پلاسٽ کي خوراڪ سمجهي کائڻ باوجود هن وقت تائين زنده آهن. هن وقت ڏٺو وڃي ته عالمي سطح تي ماحولياتي تبديلين جي اثر هيٺ ايندڙ ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾ جتي ڪلائيميٽ چينج ۽ گلوبل وارمنگ پنهنجو اثر ڇڏيو آهي، اتي وري انهن ملڪن جي حدن ۾ ايندڙ سمنڊن جي حالت به آبي گدلاڻ جي ڪارڻ ڪا بهتر ناهي. ان جو هڪ وڏو سبب عالمي ماحولياتي ماهر سمنڊ ۾ آبدوز ٻيڙا ۽ سامونڊي جهاز هلڻ جي نتيجي ۾ نڪرندڙ دونهن جي ڦهلاءُ ۽ ان مان ڪرندڙ تيل کي قرار ڏئي رهيا آهن، جيڪو سمنڊ کي لاڳيتو گدلو ڪري رهيو آهي.

Continue reading