هندو ميرج ايڪٽ: رنڊڪون ۽ خدشا

سترام سانگي

ملڪي گادي واري شهر اسلام آباد سميت لاهور، ڪوئيٽا، پشاور، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ُ گهٽ ۽ ُٻوسٽ واري ماحول ۾ ڪي پل خوشين جا گهارڻ لاءِ تازو شادي ڪري ستاوڙي تان موٽندڙ هڪ هندو جوڙو ڪنهن تفريح گاهه جي پارڪ ۾ ڪاٺ ۽ لوهه گاڏڙ بئنچ تي اڪيلو ۽ ُاداس فقط ان لاءِ به آهي ته متان ڪٿان اوچتو پوليس اچي کنڀي نه وڃي. اهو آخر ڪهڙو خوف آهي، جيڪو هنن کي ويتر مايوس ڪري رهيو آهي. ان پويان ٻيو ڪجهه نه پر شادي شده هجڻ جو وٽن ڪوبه Continue reading

climat change and effect on wild life

<div style=”direction: rtl; font-family: Tahoma; font-size: large;”><strong> </strong>

                                                 ماحولياتي بگاڙ جا سنڌ جي وائلڊ لائيف تي پوندڙ اثر

                                                                                    ** سترام سانگي

                   هونئن ته سنڌ جي وائلڊ لائيف کي ڪيترائي خطرا درڪار آهن، جنهن ڪارڻ جهنگلي جيوت جي حياتي مسلسل خطري هيٺ رهندي پئي اچي. پر ٻين خطرن ۽ مختلف چئلينجز سان گڏ ماحولياتي بگاڙ ۽ موسمياتي ڦيرگهير جي نتيجي ۾ به حياتياتي عمل تي انتهائي هاڃيڪار اثر پئجي رهيا آهن. هن وقت جيئن ته گلوبل وارمنگ( Global warming)۽ ڪلائيميٽ چئينج (Climate change) سڀ کان اهم مسئلو بڻجي چڪو آهي. ان ڪري ان جا جتي ٻين ملڪن جي مختلف خطن تي اثر پئجي رهيا آهن، اتي ان جا سڌي توڙي اڻ سڌي طرح اثر ننڍي کنڊ جي هن خطي تي به اثر انداز ٿين ٿا. انهن خطرناڪ اثرن جي دائري ۾ انساني آبادي، آبي جيوت ۽ جهنگلي جيوت سميت سمورا جاندار اچي رهيا آهن. ان حوالي سان ماحولياتي ماهرن طرفان ڳڻتيءَ ظاهر ڪئي پئي وڃي. ان ڪري ان جا سڌا سنئان اثر سنڌ جي آبادي جي حياتياتي عمل تي به پئجي رهيا آهن. climatechange1ان ۾ خاص ڪري انساني جيوت سميت آبي توڙي جهنگلي جيوت کي تمام وڏو خطرو آهي. تابڪاري مادن جي خارج ٿيڻ ۽ اوزون تهه (Ozone layer) ۾ سوراخ ٿيڻ جي نتيجي ۾ هاڃيڪار شعاءَ سڌي ريت هيٺ ڌرتيءَ جي گولي کي گرم ڪري رهيا آهن. ظاهر آهي ته گرمي پد ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ انهيءَ گرمي جي وڌڻ ڪري ان جا اُُگرا نتيجا پڌرا ٿي رهيا آهن. جنهن جي وقتن به وقتن ماحولياتي ماهر، موسمياتي اسڪالر ۽ ٻيا سائنسدان نشاندهي ڪندا پئي رهيا آهن. پر انهن جي خدشن تي اڄ سوڌو ڌيان نه ڌريو ويو آهي.انهي لاپرواهي جي ڪارڻ اڄ اسان نتيجا ڀوڳي رهيا آهيون ۽ عين ممڪن آهي ته جيڪڏهن اهو سلسلو ائين ئي رهيو ته شايد اڃا به وڌيڪ خطرن کي منهن ڏيڻو پئجي وڃي.

سنڌ جي وائلڊ لائيف ۾ (  warm blooded & Cold blooded ) گرم ۽ ٿڌي رت وارا جاندار جيڪي پاڻيءَ توڙي خشڪي تي زندگيءَ گهاري رهيا آهن، يا هڪ ئي وقت ٻٽي زندگيءَ (Terresterial) گهارين پيا انهن جو حياتياتي عمل هن وقت تمام گهڻي ڪشمش ۾ آهي. اهي ناڪاري اثرن جي ڪري جيوت عدم تحفظّ جو شڪار ٿي رهي آهي. ڇو ته هڪ پاسي انهن جي حياتي کي سڌو خطرو آهي ته ٻئي پاسي انهن جي جسماني بناوت ۽ سگهه متاثر ٿي رهي آهي. جنهن ڪري انهن جي اندروني توڙي ٻاهرين جسماني بيهڪ ۾ رطوبتن جي ڊسٽربنس جي ڪري تبديلي جا امڪان آهن. ڇاڪاڻ جو اهو سمورو عمل علم حياتيات (Biology) جي قائدن ۽ چارلس ڊارون جي نظريي مطابق مسلسل ارتقا (Evolution) هيٺ آهي. جنهن ڪري هر آئي ڏينهن تبديليون ۽ بدلاءَ رونما ٿي رهيو آهي. پر اهو بدلاءَ نج ماحوليات بگاڙ جو نتيجو آهي. خاص ڪري جاندارن جي چمڙيءَ تي شعاءَ ڪرڻ ۽ اُُس سبب سمورو جسم ڏٻرو ۽ نٻل ٿي وڃي ٿو. پر ان جي بچاءُ لاءِ پاڪستان ۾ ڪي به خاطر خواهه اُُپاءَ نه ورتا پيا وڃن. آبي جيوت ۾ وري انڌي ٻلهڻ، پلو، ڪُُميءَ، ڪڇون، واڳون، مانگر مڇ ۽ ٻين جاندارن جي نسل کي خطرا لاحق آهن. ساليانو انهن جاندارن جي, گرمي پد جي وڌڻ، موسمياتي ڦيرگهير ۽ مارين جي شڪار سميت ٻين سببن جي ڪري نسل ڪشيءَ (Genocide) ٿي رهي آهي. جنهن ڪري انهن ناياب ٿيندڙ آبي جيوت جو نسل گهٽجي رهيو آهي. ريگستان ۽ ڪوهستان وارن علائقن ۾ موسمياتي ڦير گهير ڪارڻ پاڻي جي اڻاٺ رهي ٿي، جنهن ڪري ڪيترائي جاندار اُُڃ وگهي موت جي ورچڙهي وڃن ٿا. ۽ جيڪڏهن انهن جاندارن جو هڏائون ڍانچو (اسڪيليٽن) فاسلز (Fossils) جي شڪل اختيار ڪرڻ ۾ دير ڪري ٿو ته اهو پڻ ماحول لاءِ خطرناڪ ثابت ٿئي ٿو. گليشئيرز جو نه پگهرجڻ به پاڻي جي اڻهوند جو وڏو سبب آهي. جنهن ڪري هيٺيائين وارا علائقا ۽ ان تي دارومدار رکندڙ ڍنڍون ڍورا، درياءَ، نديون، شاخون، تلاءَ ۽ ڇنڊڻيون سُڪي ٺوٺ ٿي وڃن ٿيون. انهي سوڪهڙي جي نتيجي ۾ انساني توڙي آبي ۽ جهنگلي جيوت وڏين ڀوڳنائن مان گذري ٿي. بيابانن ۾ جتي هيڪڙ ٻيڪڙ وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا اڀڙن ٿا اهي پڻ برساتون نه پوڻ ڪري سُڪي سڙي وڃن ٿا. جنهن جو نتيجو اهو نڪري ٿو جو اهڙن علائقن ۾ جيڪا آبادي ڀاڙي ٿي اها تباهي جي ورچڙهي وڃي ٿي. پر ان جي بچاءُ جو ڪو جوڳو بندوبست اڃا نه ٿي سگهيو آهي.tn_galgrterroadrunner44

گلوبل وارمنگ سبب ماحول ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو مقدار ايتري قدر وڌي ويو آهي جو ماحولياتي تبديلين کي روڪي نٿو سگهجي. يا ان کي روڪڻ انتهائي ڏکيو آهي. جيڪو اڳتي هلي مستقبل لاءِ وڏو خطرو به ٿي سگهي ٿو. برطانوي نشرياتي اداري موجب سائنسي عالمي رسالي نيچر ڪلائيمٽ چينج( Nature climate change) ۾ ڏنل هڪ تحقيقي مضمون ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عالمي حرارتي درجي کي صنعتي انقلاب جي زماني کان اڳ واري سطح تي آڻڻ هاڻي ناممڪن آهي. انهيءَ تحقيق ۾ شامل ڪيل انگن اکرن مطابق سن 2012ع ۾ عالمي سطح تي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ 35.4 ارب ٽن خارج ٿي رهي هئي، جيڪو هاڻي 2011ع کان 2.6 سيڪڙو وڌيڪ خارج ٿي آهي.

   تازو قطر جي شهر دوها ۾ ماحوليات جي حوالي سان 18 هين عالمي ماحولياتي ڪانفرنس هلي رهي آهي، جنهن ۾ ماحولياتي بگاڙ بابت ڇرڪائيندڙ انگ اکر پيش ڪيا ويا آهن. ان ڏس ۾ ايسٽ اينگلو يونيورسٽي ۾ موسمياتي تبديلي تي تحقيق ڪندڙ شعبي ٽنڊال سينٽر جي ڊائريڪٽر ڪورن لي ڪيوريءَ موجب دوها ۾ هلندڙ ماحولياتي عالمي ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل انگن اکرن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته ڪير به سائنسدانن جي ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. هن زور ڀريو آهي ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ انقلابي منصوبي جي گهرج آهي. جڏهن ته عالمي موسمياتي تنظيم ڊبليو ايم او موجب 2012ع ۾ گرين هائوس گئس فضا (Atmosphere) ۾ رڪارڊ سطح تي خارج ٿي آهي.
جڏهن ته تابڪاري مادن جي خارج ٿيڻ سبب ماحول ۾ لڳ ڀڳ 75 سيڪڙو ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ (2CO) آهي. جيڪو ئي ماحول ۾ گرمي پد جي اضافي جو بنيادي ڪارڻ بڻجي رهي آهي. ان سان گڏوگڏ ماحولياتي آلودگي پکيڙڻ ۾ ميٿئين (Methane) گئس جو وڏو مقدار شامل آهي. اهي آلودگي پکيڙندڙ گئسون بنيادي طور تي انڊسٽريل ايريا(صنعتي زون ) ۾ قائم مختلف ڪارخانن، ڪلون ۽ چمنين مان خارج ٿي ماحول ۾ بگاڙ پئدا ڪري رهيون آهن. اها آلودگي سموري ايڪوسسٽم (Ecosystem) کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي بائيواسفيئر کي ڊسٽرب ڪري رهي آهي. ان ڪري گهرج ان ڳالهه جي آهي ته سمورن ماحوليات دوست ڌرين کي ماحول جي بگاڙ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ اهڙو گڏيل لائحه عمل جوڙيو وڃي ته جيئن ماحولياتي آلودگي بابت پکڙجندڙ بي چيني کي روڪي سگهجي. اها پڻ اميد ڪجي ٿي ته ماحولياتي عالمي ڪانفرنس رڳو ڊرائينگ رومز واري سياست وانگر پڌرناما جاري نه ڪندي بلڪه هرممڪن ڪوششون ڪري ماحولياتي بگاڙ جي روڪٿام لاءِ اثرائتا اپاءَ وٺي سمورن صنعتي ملڪن کي ضابطه اخلاف جو پابند بڻائيندي.

</div>