لڇميءَ

<div style=”direction: rtl; font-family: Tahoma; font-size: large;”>

                                       -سترام سانگي

هونئن ته لڇميءَ جو هڪڙو ئي حوالو مارڪيٽ جي زينت بڻيو رهيو آهي ته هو جنهن به در تي دستڪ ڏئي ٿي ته جيئن ڪورو گهڙو پاڻ کي ڇانوَ ۾ رکرائيندو آهي. تيئن لڇميءَ به پنهنجي روزي ۽ ڀاڳ ساڻ کڻي رُلندي وتي ٿي. هوءَ بي ڊپي ٿي گهمي ڦري ٿي ۽ ڪيترن ئي بي ڊپن کي به پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ٿي. پوءِ چاهي هن کي جان جي امان ملي يا نه! پر لڇميءَ آهي، جيڪا رولاڪ بڻجي هر گهر ۾ گهيرو ڪري گهوماٽيون ڏئي ٿي ۽ هر چڱي ڀلي کي پاڻيءَ مان ڪڍي ڊگهي آزمائش ۾ غوطا کارائي ٿي. بنا ڪنهن پرواهه ڪرڻ جي ته هو ٻُڏي ٿو يا تري ٿو، مري ٿو يا بچي ٿو. هن کان سواءِ سمورو ڪاروهنوار اڌورو ۽ هوءَ اسان کان سواءِ اڻپوري. جنهن گهر ۾ لڇمي لاءِ اهو گهر مالامال آهي ۽ جنهن گهر ۾ لڇمي ناهي اهو گهر ڄڻ ڪنگال آهي.Pakistani-woman-barbed-wire

بس، هن جا راز، ناز نرالا ته هن جي اُُٿڻي ويهڻي به اکٻوٽ جهڙي! ڪير رُسڻ چاهي ته رسي نه سگهي پر ها جي لڇڻ ڌاري ته لڇمي ته ڇا لڇميءَ جي ڏاڏي ناني به هن سان ڪمربند. آهي نه مزي جي ڳالهه!  پر اسان کي اهو به وسارڻ نه گهرجي ته هن جي تعارف ۾ هر دور جي نسبت سان نوان پيوند لڳل آهن، جنهن ڪارڻ هوءَ مختلف هنڌن تي منفرد به رهي آهي. جيئن “باليءَ جي پيٽ ۾ شاهو جو ٻار” هوءَ  “پئسي” کان ڪوهين ُڏور هڪ ٻي ڌن دولت جيان به آهي. جنهن کي پنهنجا سانگيءَ ۽ سنگهار نياڻيءَ ڪري ڪوٺين ٿا. پهريان ته هن کي وڏي عزت ۽ آبرو ڏين ٿا. پوءِ ذاتي انا جي تسڪين ۽ پراڻي دشمني پاڙڻ لاءِ لڇمي خاطر لڇميءَ کي قتل ڪرڻ ۾ به ويرم نٿا ڪن. ائين لڇمي جو ڀرم به ڀُورا ڀوُرا ٿيو وڃي.

 ڏک جي وارتا اها به آهي ته لڇميءَ نازل ٿئي ٿي ته ڳُُڙ به نٿو ورهايو وڃي. پر پوءِ به ڀاڳ ڀلا لڇميءَ جا جيڪا وڌي ويجهي ٿي ته پنهنجو داڻو پاڻي به گڏ ڪري ٿي ته سندءِ آڪهه جو به. سڄو بار هن جي ڪُُلهن ۽ چيلهه تي. هوءَ تواريخ ۾ اڪثر گهڙو کڻي ٻانهياري جي ڀِٽ تان پاڻهياري به بڻجي آهي. هوءَ مرچ ۽ ڪپهه جي چونڊي کان پٿر ڍوئڻ تائين پنهنجي وڍي جو ويڄ نه طبيب مثل رهي آهي. جيئن هن جا انگ ۽ ڍنگ عجيب، تيئن هن جي ڪمائي به عجيب! ڀاڳ ٺڪا ڏئي ته ڪمائي به لڇميءَ ته کائي به لڇمي. اها ئي لڇميءَ آهي جيڪا اڄ سوڌو در در ڀٽڪيءَ رهي آهي پر پٿرن جي دور کان وٺي سافٽ ويئر جي عهد تائين اڃا به هن جا گرفتاري وارنٽ نڪتل آهن. هوءَ جان جي امان لاءِ هن اپاهج سماج ۾ روز بگهڙن جي وات ۾ اچي ٿي ۽ هر آئي ڏينهن دقيانوسي ريتن جي چڪي ۾ پيسجڻ ڄڻ ته هن جو مقدر بڻجي ويو آهي. لڇميءَ سان تنهنجا ۽ منهنجا لک اختلاف، پر ڇا هن کي حياتيءَ جي ضمانت پاڻ انسان هجڻ ناتي به نٿا ڏئي سگهون؟. هائو بروبر ائين ئي آهي. جي نه ته ڀلا لڇميءَ کي ڪهڙي کُُٽي کنيو آهي جو روز رُلندي وتي ۽ روز مرندي وتي. ڪارونجهر کان ڪينجهر ۽ ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين اهو ڪهڙو زمان ۽ مڪان آهي جنهن کان لڇمي بي نياز رهي هجي ۽ پاڻ کي سڻائو ڀانيو هجي. ساعت لاءِ ئي سهي هن ساهه کنيو آهي؟. چوڏس ڪارنهن جا ڪات ڪهاڙا ۽ لڇمي جو اڪيلو ڪنڌ.

 هاءِ ڳاڙهي جهنڊي ۾ کُُتل ڪهاڙيءَ جو پاڻ استعمال ڪيڏو نه اڍنگو ڪيو آهي.! جو هاڻ سنڌ جي سڃاڻپ ۾ ڪهاڙي وڻ وڍڻ بدران رڳو لڇميءَ جو سر وڍڻ تي اچي بيٺي آهي. وري به اڪثر هنڌن تي لڇمي کي ئي حياتيءَ تان هٿ ڌوئڻو پوي ٿو! ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به جيئن “انڊين بينڊٽ ڪوئين” ڦولن ديوي جبر ۽ ڏاڍ مان ڇوٽڪارو ماڻڻ لاءِ مزاحمت ڪئي. تيئن ويچاري لڇميءَ به هتي هٿ پير گهڻا هڻي ٿي پر ڪڻو وري به لڇمي جي ئي ڀاڳ جو نڪري ٿو.5725672062_d0cbe29101

               جيتوڻيڪ لڇميءَ اڻ پڙهيل بلڪه ڪوري ڄٽ به آهي ته ڀڙ به آهي. لڇميءَ هر دور ۾ ڌڪا کاڌا آهن. هن پنهنجي اڙانگي سفر جي ابتدا هڪڙي ڪُُک ۾ 9 مهينا رهي ڪري ڪئي، جنهن آکيري ۾ پاڻ سڀئي سٿيل رهيا آهيون. نينگر اڄ ننڍي سڀاڻ وڏي. رشتن جا ڪهڙا ڪهڙا گج هن کي پهرايا ويا. نيٺ لڇمي، ڌيءَ، زال، ماءُ کان ويندي ننهن، سس ۽ عايا تائين به نڀايو. دهليءَ جي ڌوتيءَ کان هيرامنڊي جي “بند دريچي” تائين هن جو روح اُُٻاڻڪا ڏئي اُُڦڻيو آهي. ان مسافري دوران لڇمي وڏو تياڳ ڪيو. پچي راس ٿي ته هن جي سڃاڻپ ديويءَ جو روپ به ڌاريو. پر جي هن چيتي وانگر چنگهاڙ ڪئي ته وڃي ٻاگهل ٻائي ۽ بختاور کان بينظير شهيد تي دنگ ڪيو ۽ وقت جي پيرن ۾ ڏانوڻ وجهندڙ ُبتن سان هن جي بغاوت ڀلا ڪير ڪافر وساري سگهي ٿو، جنهن کيس گهڻو پوءِ تاريخ ۾ امر بڻائي ڇڏيو. هن راڳڻي ڪئي ته ميران ٻائي کان جيوڻي ٻائي ۽ مائي ڀاڳي کان جيجي زرينه تائين روح کي غذا بخشي. جي قلم جي نوڪ سان کيڏيو، تڏهن به خوب نڀايو. خيرالنساءَ جعفري کان نورالهديٰ شاهه، قرت العين حيدر ۽ امرتا پريتم کان ويندي اوريانه فلاچيءَ ۽ ارون ڌتيءَ راءِ تائين هن شفاف ۽ مستند ڌارا جوڙي آهي. آرٽ جي ارٽ ۾ لڇمي پڪاسو ۽ ڊائونچي جي بُرش جو ڇهاءُ وٺڻ کان ظفر ڪاظمي جي چترڪاري جو فن پارو به بڻي.

ُهن وقت ۽ حالتن جي رفتار ۾ جي پلٽو کاڌو ته معاشقي جا چرچا لڇمي جو من واسي ويا. لڇميءَ سنڌوءَ جي ِسير ۾ڪچو گهڙو کڻي نڪتي ته ساهڙ جي سُهڻيءَ ٿي. جي پنهون ڪارڻ پُڇائون ڪيون ته ننڊ جي اجهاڳ سمنڊ هن کي “ڀينر آئون ڀُلياس، نه ته سڪ سمهڻ ڇا لڳي” ۾ ڀُلايو ته ضرور پر پهاڙن جا پنڌ ڪري سسئي جستجوءَ بڻجي وئي. ائين لڇميءَ مومل جي مزاج ۽ سومل جي ناٽڪ کان نوريءَ جي نوڙت تائين پهتي ته ڪيترن ئي بيگن ۽ تماچين جا تير ڪمان ۾ ئي رهجي ويا. هن جي مٽيءَ سان محبت به ڳوهجي ملير جي مارئي بڻجي آئي. لڇميءَ جي ڀاڳ جي جاڳ ته هميشه نرالي رهي آهي. پر اڄوڪو نوجوان نسل به لڇميءَ جي جسم جي گولائين ۾ ٽُُٻي هڻي اکيون ٽوهيو ويٺو آهي. هن کي ساڙيلي سماج ڪڏهن ملاله ڪري پيش ڪيو ته ڪڏهن هوءَ وجنتي بڻجي وئي. هوءَ الله جي ڏني مان سڀ ڪجهه بڻي. هاڻي رڳو هن بسنتيءَ بڻيل لڇميءَ جي عزت جو سوال جڳ ۾ اڪيلو رهجي ويو آهي. هوءَ اڄ به تنهنجي ۽ منهنجي آڏو جان جي امان لاءِ ئي واجهائي رهي آهي!.

</div>

Leave a comment