جهنگلي جيوت جي نسل ڪشي

<div style=”direction: rtl; font-family: Tahoma; font-size: large;”>

 

                      سترام سانگي

 سنڌ سونهاري ۾ جيئن جيئن ٿڌيون هوائون گُهلڻ شروع ٿيون آهن ۽ جيئن ئي سياري جي سرديءَ هزارين ايڪڙن تي پکڙيل، وشال ۽ ڪشادين ڍنڍن ۽ ڍورن تي تي ديرو ڄمايو آهي. تيئن ئي ڪينجهر، منڇر، حمل ۽ هاليجي جي تاريخي ڍنڍن کان ويندي نريڙي ۽ ٻيري جي قديم ڍنڍن، ڍورن ۽ ڪاجهر ويجهو پراڻ جي پٽن تي هزارين ناياب نسل جا پرديسيءَ پکي پهچڻ شروع ٿي ويا آهن.bird_hunt ته ساڳئي وقت شڪار واري مند طور هتي جا مقامي، ڏيهي توڙي پرڏيهي ماري به بغل ۾ بندوقون کڻي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي شڪار لاءِ نڪتل آهن. کين ڪا به جهل پل ناهي. هو وائلڊ لائيف ايڪٽ سميت پکين ۽ جانورن جي تحفظ لاءِ جوڙيل عالمي قانونن ۽ ضابطن کان بي نياز ۽ بي ڊپا ٿي شڪار ڪري رهيا آهن. ويجهڙائي ۾ڪجهه ڏينهن پهرين ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيو هو ته سنڌ جي مختلف ضلعن خاص ڪري ڪاڇي، ڪوهستان، ريگستان ۽ لاڙ جي ساحلي پٽيءَ ۾ جهنگلي جيوت جو سرعام قتل عام ڪرائڻ لاءِ فيڊرل گورنمنٽ طرفان عرب امارات، دبئي، ابوظهبي، عمان، سعودي عرب، قطر سميت ٻين ملڪن/رياستن (Gluf states) جي پرڏيهي شاهي خاندانن جي مهمانن جن ۾ عرب ملڪن جي رولنگ ڪلاس جا حڪمران ۽ شهزادا ۽ ٻيا وڏو اثر رسوخ رکندڙ بااثر طبقي جا ماڻهو شامل آهن. جن کي باقائده طور تي سرڪاري سطح تي سنڌ سميت سڄي ملڪ جي مختلف حصن ۾ شڪار ڪرڻ جي خصوصي اجازت ڏني وئي آهي. ڇاڪاڻ جو اُُهي سرڪار جي خاص اجازت سان ڄاڻايل وسندين ۾ لنگهي آيا آهن. بلڪه جهنگلي جيوت کاتي جا عملدار پاڻ انمول نسل جي جانورن ۽ پکين کي تحفظ ڏيڻ بدران ان جو هٿ سان شڪار ڪرائڻ ۾ شڪارين جا ٻانهن ٻيلي بڻيل آهن ۽ کين مڪمل طور تي سهڪار مهيا ڪري رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو وائلڊ لائيف اڄ سوڌو مڪمل طور تي عدم تحفظ جو شڪار رهي آهي ۽ ڏينهون ڏينهن ان عمل ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي پر ڪير به ان خلاف تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناهي. سوال ٿو پئدا ٿئي ته جڏهن جهنگلي جيوت کاتي جون اعليٰ اختياريون توڙي مقامي عملو (گيم انسپيڪٽر ۽ گيم وارڊن کان ويندي هيٺين سطح جا ملازم) پاڻ جهنگلي جيوت ۽ آبي جيوت جو بچاءُ ڪرڻ بدران انهيءَ شڪار ڪرڻ واري ڏوهه ۾ برابر جا شريڪ رهن يا کين مڪمل تعاون سان شڪار ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ته يقينن اها ڳالهه نه رڳو ڇرڪائيندڙ ۽ افسوسناڪ آهي پر وائلڊ لائيف ۾ دلچسپي رکندڙ ۽ انهن جي بچاءُ لاءِ سرگرم ڌرين کي وڌيڪ ساڻو ڪري انهن جي حوصلن کي پستي طرف ڌڪي رهي آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان گڏيل قومن طرفان پاس ڪيل ٺهرائن سميت ٻين جانورن ۽ پکين کي تحفظ مهيا ڪندڙ ۽ انهن جي افزائش ۽ نسل جي واڌاري لاءِ جوڙيل قانونن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪري چڪو آهي ته: پاڪستان جي چئني صوبن ۾ جتي جتي به ناياب نسل جا جانور ۽ پکيءَ رهن ٿا، انهن کي باقائده تحفظ مهيا ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي نسل جي واڌاري لاءِ هر ممڪن وسيلا ڪتب آڻي اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ جوڳي اڳڀرائي ڪري جوڙيل قانونن ۾ اڃا وڌيڪ سڌارا آڻي جهنگلي توڙي آبي جيوت لاءِ واضح قدم کڻندو. پر ان جي اُُبتڙ هتي جن علائقن ۾ ناياب نسل جا پکيءَ ۽ ٻي جاندار رهي ٿي، انهن جو جيئن جو تيئن (genocied) يعني نسل ڪشي ٿي رهي آهي پر اڃا تائين جهنگلي جيوت کاتو ڪابه ُچر ُپر نه ڪري سگهيو آهي.

سنڌ ۾ وڏي پئماني تي ناياب جهنگلي جيوت گورک هل اسٽيشن ۽ کير ٿر جي پهاڙن کان وٺي ڪارونجهر جي ڪنڌيءَ ۽ علي بندر کان اڳتي انڊيا جي بارڊر جي لڳو لڳ رڻ ڪڇ تائين هر هنڌ موجود آهي. انهيءَ جيوت ۾ هرڻ، ڦاڙها، روجهه، سها، تلور، مختلف قسمن جا تتر، پٽهير، ڇپاڪو، باز، مور، ڳجهون، ڳيرا، آڙي، نيرڳ، چيکلا، ڊگهوش، لاکي ڄاڃي، ٻگهه، ڪاٺ ڪنڊا، طوطا ۽ ٻيا پکي ۽ جانور اچي وڃن ٿا. جن مان اڪثر جاندارن جو شڪار کلي عام ٿيڻ ڪري نسل تباهه ٿي رهيو آهي ته ڪي اسپيشز عدم تحفظ سبب اڃا به ناياب بڻجي رهيون آهن. جن جي بچاءُ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا آهن. ڄاڻايل جاندارن مان ڪن جو نج نسل سنڌ ۾ وجود رکي ٿو، ان ڪري انهن جي اڃا به واڌ ويجهه ٿوري گهڻي ٿي رهي آهي پر جنهن جيوت جي افزائش، (Breeding) ماحول ۽ موسم جي ڦيرگهير جي حساب سان ممڪن نه ٿي رهي آهي، ُاهي وڏي پئماني تي ناپيد ٿي رهيا آهن.

جڏهن ته شڪارين طرفان مارا ماِري وارو سلسلو شروع ٿيڻ سبب رڳو هن هفتي تي جيڪڏهن نظر گهمائجي ته اچرج ضرور ٿيندو. هلندڙ مهيني دوران دادو ضلعي ۾ فريدآباد واري علائقي ۾ چرخ باز سميت لڳ ڀڳ 200 بازن جي شڪار ٿيڻ جي ڄاڻ ملي آهي. خيرپور رياست جي ناري واري علائقي ۾ به عرب شهزادن پنهنجا خيما کوڙي ڇڏيا آهن. ٻئي طرف ريگستان، ڪوهستان، ڪاڇي ۽ ساحلي پٽي (بدين ۽ ٺٽو) ۾ مختلف وسندين مان هرڻن/هرڻين، ڦاڙهن، سهن، مورن، تلورن ۽ تترن (اڇڙو، بگڙو ۽ ڪارڙو) جو شڪار ڪيو ويو آهي. ان سان گڏوگڏ جيڪي ٻاهرين ملڪن خاص ڪري سائيبريا مان ايندڙ پرديسي پکين جو به شڪار مقامي توڙي غير مقامي ماِري ڪري رهيا آهن.

      گذريل مهيني نومبر ۾ جڏهن اهڙي قسم جي اهم ۽ ناياب نسل جي پکين ۽ جانورن جي اسمگلنگ حيدرآباد ايئرپورٽ تان عرب امارات مان آيل خصوصي جهاز ذريعي ٿي رهي هئي ته ان جي کڙڪ پوڻ تي ائيرپورٽ انتظاميا ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وئي. ان دوران ڪسٽم انٽيليجنس جي عملي به مڙسيءَ ڪري اهڙي اسمگلنگ جي ڪوشش کي ترت ناڪام بڻائي ڇڏيو. جيڪو عمل هونئن ته ساراهڻ جوڳو آهي پر انهيءَ ڪارروائي تحت ڪو سخت قدم نه کنيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اهي پرڏيهي شهزادا ۽ شاهي خاندانن جا مهمان ڪارروائي جي دائري کان آجا ٿي ويا. بجاءِ ملوث ڌرين خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي سرڪار پاڻ انهن کي آجو ڪرائي ڇوٽ ڏئي رهي آهي. ان ڏس ۾ جهنگلي جيوت کاتي جي ڪنزرويٽرکي ڪراچي گهرايو ويو هو. جنهن خلاف ممڪن آهي ته پڇاڻي کانپوءِ جوڳي محڪماتي ڪارروائي ڪئي ٿي هجي. ڪجهه ڏينهن پهرين پڻ سنڌ ايڪسپريس ۾ هڪ رپورٽ شايع ٿي هئي جنهن موجب ڪوٽڙي ويجهو ڪي خاص مهمان شڪار ڪيل پکي ۽ جانور کڻي وڃي رهيا هئا ته اتي جهنگلي جيوت کاتي جي عملدارن فوري ڪارروائي ڪندي کين پڪڙي ورتو. پر ٿوري ئي دير ۾ مٿان کان فونون اچڻ شروع ٿي ويون هيون. ڪجهه دير کانپوءِ ته جهنگلي جيوت کاتي جو صوبائي وزير ديارام ايسراڻي پاڻ به پهچي ويو هو، جنهن شڪار ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران الٽو اتي جي عملي کي قدم کڻڻ کان روڪيندي کين آجو ڪرائي ڇڏيو.

هن وقت جيئن ته ڍنڍن، ڍورن، سامونڊي پٽي ۽ ٻين مٺن ۽ کارن پاڻين تي ناياب نسل جا پکي لٿا آهن. ته شڪار سبب ناياب جهنگلي جيوت جي نسل ڪشيءَ به ٿي رهي آهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته فوري طور تي ٿيل عالمي معاهدن  جي ڀڃڪڙي ڪرڻ بدران ان جي پاسداري ڪري وائلڊ لائيف ايڪٽ ۽ زولاجيڪل ايگريمينٽس کي ڌيان ۾ رکي وقتائتا اُُپاءَ ورتا وڃن ته جيئن ٿيندڙ نسل ڪشيءَ کي ٻنجو ڏئي سگهجي.

      ان سان گڏوگڏ عرب شهزادن سميت جن به شاهي گهراڻن سان واسطو رکندڙ حڪمرانن کي سرڪاري سطح تي پرمٽون جاري ڪيون وينديون آهن، انهن کي به رد ڪيو وڃي. ان ڪري جهنگلي جيوت کاتي کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ جيڪي به سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارا، ڊبليو ڊبليو ايف ۽ سماجي تنِظيمون جيڪي وائلڊ لائيف جي تحفظ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن. انهن کي اهڙي چرپر تي نظر رکڻ گهرجي.

</div>

 

Leave a comment