خطري هيٺ آيل ِڳجهن جو نسل

سترام سانگي

پاڪستان ۾ ٻهراڙي جي ُکليل ميدانن توڙي شهري علائقن ۾ روڊ رستن ۽ سڙڪن جي ڀرپاسي ۾ ُاڇلايل ناڪاره گوشت، اوجهريون، ڇيڇڙا ۽ مري ويل جانورن جو ڍونڍ (Dead bodies) اڄ تقريبن هر پاسي نظر اچي رهيون آهن. پر اهو ڍونڍ شايد اسان کي نظر نه اچي ها، جيڪڏهن انهي گند جي قدرتي طور تي پاڻمرادو صفائي سٿرائي ڪندڙ ماحول دوست پکي ڳجهه (Vulture) ايترو خطري هيٺ نه هجي ها. sangi

ڪاڪي ڪرمڻ ڀيل جو خيال آهي ته زماني جي زد ۾ آيل انساني آبادي جيڪڏهن ترقي جي آڙ ۾ فطرت سان هٿ چراند بند ڪري ته هوند فطرت انسان سان ڪو وير ئي نه رکي. 55 سالن جي ڄمار کي رسندڙ ڪرمڻ ڀيل جو تعلق ٿرپارڪر واري ريگستان جي ننگرپارڪر تعلقي سان آهي. سنڌ ۾ شايد هي واحد پاڪ – ڀارت سرحد وارو آخري علائقو آهي، جنهن کي ڳجهه جي مسڪن طور ورتو پيو وڃي ۽ هتي توهان کي اڄ به ڳجهون لامارا ڏيندي نظر اينديون. ڪاڪو ڪرمڻ مالوند مارو آهي ۽ هن جو سمورو گذر سفر چوپائي مال تي آهي. توهان ٻارهوئي هن کي مال جي سار سنڀال ۾ ُرڌل ڏسي سگهو ٿا، هو برسات نه پوڻ تي عارضي طور لڏپلاڻ ڪري ساحلي پٽي واري گولاڙچي تعلقي ۾ مال سوڌو ترسندو آهي. هو ٻڌائي ٿو ته سخت ُڏڪار واري صورتحال ۾ گئوچر ختم ٿي وڃڻ کانپوءِ مال جو ڪو چارو نه بچندو آهي. انهن ڏينهن ۾ ٻاڪري، ريڍي ۽ ڳائي مال ۾ جڏهن ڪا وبا پکڙجندي آهي ته اسان جو گهڻو تڻو مال بيماري وگهي مري ويندو، مري ويل ڍورن کي اسان رسي ذريعي واڙن کان ڇڪي ٻاهر ڪٿي ُکليل ميدان ۾ ُاڇلي ايندا آهيون، جتي اڳي ڳجهون تمام گهڻيون هونديون هيون ته منٽن ۾ ئي ڍونڍ کائي ختم ڪري ڇڏينديون هيون. پر هاڻي اهو پکي ملڪ مان ئي موڪلائي ويو آهي. هو نرڙ تي هٿ رکي چوي ٿو ته ويجهڙ وارن ڏينهن ۾ ڳجهه ايڪڙ ٻيڪڙ ڪٿي نظر آئي هجي ته ڀلي باقي ڳجهه هاڻي نه رهي آهي. ڪاڪي ڪرمڻ موجب اسان اڳي فقط ڪنهن ڇتي ٿي ويل جانور کي ئي مرڻ کانپوءِ زمين ۾ ُپوري ڇڏيندا هئاسين، ته متان ڪو ڪتو ٻلو يا جهنگ جو جانور کائي ڇتو نه ٿي پوي. ان کانسواءِ گس پنڌ يا ڪنهن ڏهر ۾ ڪو ڍور مري ويندو هو ته اهو اتي ئي ُڇٽو. پوءِ اهو ڍونڍ پيون ڳجهون کائينديون هيون. اڳي ائين هوندو هو ته جانور مئو ناهي ۽ ڳجهه پهتي ناهي. هو اشارو ڪندي ٻڌائي ٿو ته هيئن ُٿلهيون متاريون ۽ ڊگهي ڳچيءَ واريون ڪاريون ۽ ڳاڙهيون ڳجهون پيون آسمان ۾ لامارا ڏينديون هيون. هاڻي مال کي دوائون ڏئي ُڏهائي ڪريون ٿا ۽ انهن دوائن ۾ رڳو بيماريون پيون آهن. ان ڪري مال جو گوشت به بيماري سان ڀريو پيو آهي، ٿي سگهي ٿو ته بيماري وارو ماس کائڻ سان ڳجهون ختم ٿينديون هجن. ڇو ته ڳجهه وڏي پنڌ وارو ماس خور (Carnivore) پکي آهي ۽ مئل جانورن جو گوشت کائيندو آهي، هن کي سئو ڪوهن تائين ڄاڻ ملي ويندي آهي ته اڄ ڪٿي جانور مئو آهي. هو ٻڌائي ٿو ته هن پکي جي حس تمام تيز هوندي آهي، ميلن تائين ڍونڍ جي خبر پئجي ويندي آهي.Vultures-1

سنڌ ۾ ڳجهن جا ُڪل ڪيترا قسم موجود هئا ۽ اهي هاڻي ڇو اڻلڀ ٿي رهيا آهن، انهي پويان ڪهڙي ماجرا آهي. ان سلسلي ۾ نديم مير بحر جو چوڻ آهي ته پوري دنيا ۾ ُڪل 23 قسمن جون ڳجهون آهن، جنهن مان 9 قسم ڏکڻ ايشيا ۾ لڀن ٿا. انهن مان به 8 قسمن جون ڳجهون پاڪستان ۾ موجود آهن. جڏهن ته هڪ قسم هماليا جبل ۾ رهي ٿو، باقي 7 قسم سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۽ ٻين اترين علائقن ۾ ملن ٿا. نديم مير بحر ماحوليات جي بچا لا ڪم ڪندڙ عالمي اداري انٽرنيشنل يونين فار ڪنزرويشن آف نيچر-پاڪستان سان واڳيل آهي. هن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ 4 قسمن جون ڳجهون سخت خطري هيٺ آيل آهن، جن ۾ سنهي ڳچي واريون ڳجهون-, slender-billed vulture (Gyps tenuirostris وڏي ڳچيءُ واريون ڳجهون (long-billed vulture Gyps indicus)، سفيد ُپٺي واريون ڳجهون (white-rumped vulture (Gyps bengalensis)) ۽ ڳاڙهي ُمنڍي واريون ڳجهون (Red-headed vulture) شامل آهن. انتهائي سخت خطري هيٺ رهندڙ چئن قسمن جي ڳجهن کي آءِ يو سي اين جي ريڊ لسٽ ۾ پڻ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪي هاڻي مختلف سببن جي ڪري سخت خطري هيٺ اچي ويون آهن. انهن ڳجهن کي عالمي طور تي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن مان هڪ حصي کي اولڊ ورلڊ ولچر ته ٻئي حصي کي نيو ورلڊ ولچر ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو. انهي مان اسان وٽ اولڊ ورلڊ ولچر واري ڪيٽگيري واريون ڳجهون ملن ٿيون. نديم مير بحر موجب ته 1990ع کان ڏکڻ ايشيا ۾ ڳجهون تقريبن 90 سيڪڙو تائين اڻلڀ ٿي ويون آهن، جن کي بچائڻ تمام ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته ڳجهون ماحولياتي وايو منڊل کي صاف سٿرو رکڻ سان گڏوگڏ ماحولياتي، ثقافتي ۽ سماجي طور تي به ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. هو ٻڌائي ٿو ته هن پکي جي اڻلڀ ٿي وڃڻ جو بنيادي سبب پين ڪلر (Pain-killer) ۽ ڊائڪلوفينڪ (Diclofenac) دوائون آهن، جن تي انڊيا، نيپال ۽ بنگلاديش ۾ پابندي مڙهيل آهي. پاڪستان ۾ به 2006ع ۾ ڊائڪلوفينڪ جي استعمال تي پابندي لڳائي وئي هئي ۽ ان جي متبادل طور ٻي دوا جي استعمال جي اجازت ڏني وئي هئي. جڏهن ته آرنيٿولاجيڪل سوسائٽي آف پاڪستان طرفان 2000 ۽ 2001ع ۾ ڊوليوالا ۽ ڇانگا مانگا جي ٻيلن ۾ اسٽڊي ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ ڊائڪلوفينڪ سوڊيم دوا جي استعمال جي تصديق ٿي، جيڪا تيزي سان ڳجهن جي آبادي کي ناپيد ڪري رهي آهي. هي دوا لائيو اسٽاڪ يعني چوپائي مال ۾ وٽرنري دوا طور استعمال ڪئي ويندي آهي. ماهرن موجب هن دوا مليل ڍونڍ کائڻ سان لڳ ڀڳ 16 کان 18 ڪلوگرام تائين وزن رکندڙ ڳجهن جو هاضمي وارو سرشتو ۽ ان جون ُبڪيون تمام گهڻيون متاثر ٿينديون آهن، جنهن ڪري ڳجهه جو جياپو مشڪل ٿي پوندو آهي. هڪ ٻئي عالمي اداري ڊبليو ڊبليو ايف-پاڪستان طرفان ڳجهن جي آبادي جي حوالي سان پاڪستان ۾ ڳجهن جي موجودگي وارن تقريبن 77 علائقن ۾ سروي ڪرائي وئي هئي، جنهن مان معلوم ٿيو ته ٿرپارڪر جو ننگرپارڪر وارو علائقو واحد هنڌ وڃي بچيو آهي، جتي ڳجهون اڃا به موجود آهن. هن وسندي ۾ تمام گهڻو خطري هيٺ ايندڙ 2 قسمن جون ڳجهون به ملن ٿيون. تازو آءِ يو سي اين ۽ ٻانهن ٻيلي طرفان موسمياتي تبديلين واري وزارت ۽ سنڌ جي جهنگلي جيوت واري کاتي جي سهڪار سان ڳجهن جي تحفظ لاءِ هڪ پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هي ادارا گڏيل طور تي ڪميونٽي جي ماڻهن کي به ڳجهن جي بچاءَ کان واقف ڪندا ۽ تربيت ڏيندا.Vultures-2(1)

پر ڇا ڳجهن جي نسل کي جيڪي درپيش خطرا آهن، انهن کان بچاءَ لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي ادارا توڙي مقامي تنظيمون واقعي ئي سنجيده ڪوششون وٺندي پنهنجي ذميواري ايمانداري سان نڀائي رهيون آهن؟ يا ڪٿي ائين ته ناهي ڳجهن جي بچاءَ جي نالي ۾ فقط ڪاغذي ڪارروائي ڪري پراجيڪٽ ميدان ۾ لاٿا پيا وڃن. ڪاڪي ڪرمڻ جو خيال آهي ته سرڪار سان گڏوگڏ هر فطرت پسند ماڻهو کي به هن ماحول دوست پکي کي بچائڻ لاءِ نيڪ نيتي سان ڀرپور ڪوششون وٺڻ گهرجن ته جيئن قدرتي طور تي هڪ ميونسپالٽي وارو ڪردار ادا ڪندڙ ڳجهن کي اسان بچائي سگهون. واضح رهي ته پارسي ڪميونٽي ۾ مذهبي لحاظ ڳجهن کي انتهائي احترام لائق سمجهيو ويندو آهي ۽ ان جي سندن مذهب ۾ به شايد مقدس پکي واري به حيثيت آهي.

satramsangi@yahoo.com

Leave a comment