موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙ سنڌ جي زراعت

سترام سانگي

موسمي تبديلين (Climate change) جي اثر جتي عالمي سطح تي پوري وايومنڊل کي پنهنجي گهيري ۾ آندو آهي، اتي ان جي اثر کان سنڌ جي زراعت به آجي نه رهي آهي. دنيا ۾ خاص ڪري زراعت تي ڀاڙيندڙ ڏکڻ ايشيائي ملڪ هن وقت موسمي تبديلين سبب وڏي پئماني تي ڀوڳي رهيا آهن. تازو هلندڙ صدي جي شروعاتي ڏهاڪي ۾ 2000ع کانپوءِ جيڪا گرمي جي لهر ُاٿي، ان سبب ڪافي تبديليون رونما ٿيون آهن ۽ اها گرمي جي لهر اڃا سوڌي ماٺي نه ٿي آهي. بلڪه ان جا خطرناڪ

Climate Change Problem for Pakistan

نتيجا اڃا باقي برآمد ٿيڻا آهن.

دنيا ۾ وڌندڙ گرمي-پد واري موضوع تي نظر رکندڙ عالمي موسمياتي ايجنسين نيشنل اوشين اينڊ ائٽماسفيرڪ ايڊمنسٽريشن، جاپان جي ميٽرولاجيڪل ايجنسي ۽ آسٽريليا جي بيورو آف ميٽرولاجي پڻ تسليم ڪيو آهي ته موسمياتي ڦير گهير، ماحولياتي بگاڙ، آبي ۽ هوائي گدلاڻ ڪارڻ ڪيترائي خطرناڪ چئلينجز سامهون اچي رهيا آهن. ان ۾ گرمي پد جو وڌڻ، ماحوليات جو متاثر ٿيڻ، موسمي تبديليون رونما ٿيڻ، ٻوڏون ۽ طوفان اچڻ، سوڪهڙو، ُڏڪار، جهنگلي جيوت جو رهائشي ماحول ۽ زراعت تباهه ٿي وڃڻ سميت ٻيا پاسا اچي وڃن ٿا. عالمي سطح تي گرمي پد جي نگراني ڪندڙ آمريڪي اداري ناسا مطابق موجوده وقت ۾ گرمي ۾ غير معمولي اضافو ٿيو آهي، جنهن سبب 2 کان 30 سيڪڙو زراعت کي نقصان پهتو آهي، جنهن ڪري دنيا ۾ کاڌ خوراڪ جو مسئلو جنم وٺي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته زرعي لحاظ کان اهي ايٽم جيڪي اناج ۾ غذائي کوٽ جو پورائو ڪن ٿا، اهي هاڻي ُبري طرح سان متاثر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ماحوليات، زراعت ۽ فوڊ سيڪيورٽي کي ويجهي کان ڏسندڙ عالمي ادارا ان ڳالهه جو خدشو ظاهر ڪري رهيا آهن ته ايندڙ وقت ۾ دنيا جا وڏا چيئليجز ماحوليات، موسمي تبديليون، پاڻي ۽ کاڌ خوراڪ وارا معاملا هوندا. پر بدقسمتي اها ئي آهي ته عالمي سطح تي به جيڪي ملڪ ماحوليات کي تباهه ڪرڻ جا ذميوار ليکيا پيا وڃن، اهي به ڪا جامع رٿابندي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ۽ نه ئي ان تباهي جي روڪٿام لاءِ ڪي هنگامي اپاءُ وٺي رهيا آهن. ساڳي ريت ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾ جيڪڏهن پاڪستان ۾ ماحوليات ۽ زراعت کي ڏسجي ته اسان وٽ به وڏي پئماني تي ُاٿل پٿل ٿي آهي. پاڪستان ۾ ايندڙ ٻوڏون، طوفان، سائيڪلون، ڏڪار،

drought-corn

سوڪهڙو، سمنڊ جو چاڙهه، گليشئيرز جو رجڻ، ٻيلن جي تباهي، وڻ ٽڻ، چرند ۽ پرند جو پٽ ٿي وڃڻ ان جو ئي نتيجو آهن.

جيتوڻيڪ ان ۾ انتظامي لاپرواهي ۽ عدم دلچسپي کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، پر مٿئين سطح تي عالمي تناظر ۾ موسمي تبديلن ۽ گلوبل وارمنگ جي اثر کان به پاڻ کي آجو نٿو ڪري سگهجي. ان سلسلي ۾ جيڪڏهن سنڌ جي 350 ڪلوميٽرن تي پکڙيل ساحلي پٽي جو احاطو ڪجي ته ان ۾ ايندڙ ڪراچي، ٺٽي، سجاول ۽ بدين ضلعي تي وڏو اثر پيو آهي. ڄاڻايل ضلعن جي حدن ۾ سنڌو درياهه جي ڇوڙ واري ايراضي يعني دنيا جي ڇهين وڏي انڊس ڊيلٽا ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ معاهدي تحت گهربل ملين ايڪڙ فوٽ (اي ايم ايف) پاڻي نه اچڻ ڪري اڪثر ڪري درياهه جو وسيع ۽ شاداب پيٽ تباهه حال رهندو پئي آيو آهي. ان ڪري سنڌ جي واحد جياپي جو ذريعو بڻيل سنڌو درياهه سان لاڳاپيل لکين ايڪڙ زرعي زمين جيڪا اڳ زرعي طور مڪمل آباد هوندي هئي، اها هاڻي بلڪل تباهه ٿي وئي آهي. ماحوليات جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ مقامي رضاڪار جو چوڻ آهي ته ٺٽي، سجاول ۽ بدين ضلعن ۾ درياهه جو پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري سمنڊ جون ويرون مٿي چڙهي آيون آهن، ان ڪري هڪ اندازي مطابق هن ٽوپوگرافيڪل ريجن ۾ 35 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زرعي زمين سمنڊ ڳڙڪائي ڇڏي آهي. ٻيو ته جيڪا زمين بچي به آهي ته اها سم ۽ ڪلر جي ڪري تباهه ٿي رهي آهي ۽ زرعي آبادي جي لائق نه رهي آهي. بدين جي مقامي آبادگارن موجب ڪمند، ٽماٽن ۽ ساريال جي فصل ۾ هاڻي اهو اڳوڻو حال نه رهيو آهي، هڪ ته وقتائتا مينهن نٿا پون، ٻيو گهربل پاڻي ميسر ناهي ۽ ٽيون زمينون سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي ويون آهن. هاڻي جڏهن انهن ٽن ضلعن ۾ زرعي آبادي ختم ٿيڻ ڪري اناج جو واهپو ۽ ان جو گهربل ملڻ محال ٿي ويو آهي ته يقينن فوڊ سيڪيورٽي جهڙا معاملا ڪر ضرور کڻندا. اهڙي نموني باقي ضلعن ۾ به موسمياتي تبديلين جي زد ۾ آيل هزارين ايڪڙن واري زرعي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي، جنهن ڪري هوريان هوريان اهم ۽ گهڻي پيداوار وارا فصل متاثر ٿي رهيا آهن. هن وقت عالمي ماحولياتي ۽ موسمياتي ايجنسين موجب زرعي طور ڪڻڪ، چانور، مڪئي ۽ ٻين ميون ۽ اناج جي پيداورا ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهي آهي. ان سان اڳتي هلي خوراڪ جي کوٽ جا وڏا مسئلا پيدا ٿيندا. جڏهن ته 22 هزار چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل ٿرپارڪر واري ريگستان ۾ به مندائتا مينهن نه پوڻ ۽ مسلسل ڏڪار واري صورتحال سبب اتي ٻنيون ٻارا سخت متاثر ٿيا آهن. يعني خوراڪ جي کوٽ وارو مسئلو هينئر ساڻ ئي ٿرپارڪر ۾ ماروئڙن کي پريشان حال ڪري رهيو آهي. وڻ ٽڻ ُسڪي وڃڻ سبب اتان جي ساوڪ ۽ وڻن ۾ پيدا ٿيندڙ ميوا، ڀاڄيون ۽ ٻيون جڙي ٻوٽيون ناپيد ٿي رهيون آهن. موسمي ڦيرگهير ڪارڻ هاڻي ريگستاني علائقن جا واسي جيڪي سالياني مينهن واري زراعت تي ڀاڙيندا هئا، اهي سخت مايوس آهن. هتي مينهن نه پوڻ ڪري مقامي طور تي سيمن ۽ ڏهرن ۾ مال جو چارو نه پيو ٿئي، ان ڪري چوپائي مال توڙي جهنگلي جيوت جو واحد جياپو بڻيل چراگاهه ختم ٿي ويا آهن. نتيجي ۾ مالوند ماڻهن کي بئراجي علائقن ڏانهن حسب روايت عارضي طور لڏپلاڻ ڪرڻي پئجي رهي آهي پر جيڪڏهن ٻارهوئي سانوڻي جا مندائتا وسڪارا پوندا رهن ته هوند اتان جا ماروئڙا ڪڏهن ڏورانهين علائقن ڏانهن عارضي هجرت نه ڪن ۽ نه ئي مالوند ماڻهو چوپائي مال جي چاري لاءِ لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿين. واضح رهي ته سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ لائيو اسٽاڪ يعني چوپايو مال ٿرپارڪر ضلعي ۾ موجود آهن، جنهن ۾ مختلف نسلن جون ٻڪريون، رڍون، ُاٺ ۽ ڍڳيون شامل آهن. انهي چوپائي مال جو داررو مدار سالياني ٿيندڙ زراعت تي آهي، جيڪا هاڻي موسمي تبديلين جي اثر جي ڪري بري نموني متاثر ٿي رهي آهي. ائين ملڪ ۾ وڌندڙ انساني آبادي خود پنهنجي لاءِ ڪيترائي مسئلا جنمي رهي آهي، پر ان جو گهربل حل ڪڍڻ لاءِ تيار ناهي. کاڌ خوراڪ جي کوٽ جي حوالي سان گڏيل قومن جي ُبک ۽ فاقاڪشي بابت جيڪا سالياني رپورٽ سامهون آئي آهي، ان موجب دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ 19 ڪروڙ 14 لک ماڻهو فاقاڪشي جو شڪار آهن. سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادي واري چين ۾ لنگهڻ ڪاٽيندڙ ماڻهن جو انگ هندستان کان گهٽ آهي. گڏيل قومن جي رپورٽ اسٽيٽ آف فوڊ انسڪيورٽي ان دي ورلڊ موجب 2015ع ۾ سڄي دنيا ۾ 79 ڪروڙ 5 لک ماڻهو فاقاڪشي جو شڪار آهن. 1990ع ۽ 1992ع دوران اهو انگ هڪ ارب جي ويجهو هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هندستان ۾ به لنگهڻ ڪاٽيندڙ ماڻهن جي انگ ۾ لاٿ آئي آهي. 90ع جي ڏهاڪي ۾ فاقاڪش هندستانين جو انگ 21 ڪروڙ کان وڌيڪ هو. حالانڪه فوڊ سيڪيورٽي کي مختلف عالمي ادارا مانيٽر ڪري رهيا آهن، ان باوجود اها به حقيقت آهي ته اسان کي اڃا تسلي بخش ڪاميابي ناهي ملي سگهي. ان ڪري ماحوليات، زراعت ۽ کاڌ خوراڪ جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي ماهرن جو خيال آهي ته هن وقت دنيا ۾ غذائي کوٽ جي پورائي لاءِ هنگامي بنيادن تي جامع رٿابندي ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ته جيئن کاڌ خوراڪ جي کوٽ جي خاتمي کي يقييني بڻائي انساني آبادي جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ تعميري ۽ ترقي وارو ڪم ڪري سگهجي.

Satramsangi@yahoo.com

Leave a comment